
ميھڙ:(آچر 29 جون 2025ع)ميھڙ گرڊ اسٽيشن ڀرسان لاڙڪاڻي روڊ تي انڊسٽري فيڊر جي ڪريل تار دوران 11 ھزار بجلي جو ڪم ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 سيپڪو ملازم اسسٽنٽ لائين مين 38 ورھين جو نوجوان محبوب چنو ۽ لائين سپريڊنٽ زاھد ڀٽو ڦاسي پيا اڌ ڪلاڪ تائين سيپڪو ملازم محبوب چنو ٿنڀي ۾ ڦاٿل رھيو ۽ ھڪ ملازم زمين ۾ بيھوش پيل رھيو جڏھن ته اطلاع تي علائقي واسين ۽ سيپڪو ملازمن پھچي ٿنڀي ۾ ڦاٿل ملازم کي لاھي ٻنھي ملازمن کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو جتي اسسٽنٽ لائين مين محبوب چنو فوت ٿي ويو زخمي لائين سپريڊنٽ زاھد ڀٽو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي فوتي سيپڪو ملازم جو لاش تعلقي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان سيپڪو ملازم اسسٽنٽ لائين مين محبوب چنو جي ڀاء اظھار علي چنو ، رشتيدار ۽ شھري اتحاد جي صدر عبدالستار چنه ۽ معصوم پٽ ۽ ٻين وارثن پاران احتجاج ڪندي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل 15 سالن کان ھي سيپڪو ميھڙ ۾ پنھنجي پوري ذميواري ۽ نيڪ نيتي سان ڊيوٽي سرانجام ڏيندو آيو آھي ھي اسسٽنٽ لائين مين ھجڻ باجود ھن کان لائين سپريڊنٽ جو ڪم ورتو وڃي پيو ھن کي زبردستي بجلي جي ٿنڀن تي چاڙھيو وڃي پيو جيڪو ھن جو ڪم ناهي ھنن چيو ته ميھڙ گرڊ اسٽيشن مان فيڊر بند ھجڻ باجود به ھي واقعو ڪئين پيش آيو آھي ان جي جانچ ٿيڻ گھرجي جڏھن ته سيپڪو عملدارن وٽ بجلي جي ڪم ڪرڻ دوران ڪا به سھولت ۽ سيفٽي ڪٽ نه ھجڻ ڪري پھريان به ڪيترائي واقعا پيش آيا آھن ڪيترائي سيپڪو ملازم فوت ٿي ويا آھن ھنن چيو ته ھي واقعو بہ سيپڪو ملازم ۽ گرڊ عملي جي لاپرواھي سبب ٿيو آھي ھن واقعي جي شفاف جانچ ڪري غفلت ڪندڙ عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي وارثن پاران خدشو ظاھر ڪندي چيو آھي تہ اگر غفلت ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي نه ٿي ۽ انصاف نه مليو ته اسين سيپڪو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائي عدالتن سميت انصاف ڏيندڙ ادارن اڳيان احتجاج ڪنداسين
فيڊر بند ٿيل هو، ارٿ رٽن ٿيڻ سبب ڪرنٽ لڳو: ايڪس اي اين
ميھڙ: ايڪس اي اين خليل احمد چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته گرڊ اسٽيشن ڀرسان انڊسٽري فيڊر جي ڪريل تار جو ڪم ڪرڻ دوران ھي واقعو پيش آيو آھي ھن چيو ته گرڊ اسٽيشن کان فيڊر بند ٿيل ھو جڏھن ته اطلاع آھن ته ارٿ رٽن ٿيڻ ڪري بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب بجلي جي پول تي ڪم ڪندڙ اي ايل ايم محبوب چنو اچتو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڦاسي پيو ۽ اھو فوت ٿي ويو آھي جڏھن ته لائين مين زاھد ڀٽو ان کي ڏسندي ئي بيھوش ٿي ويو جنھن کي وڌيڪ اعلاج لاء اسپتال منتقل ڪيو آھي ھن چيو ته ھن واقعي بابت اداري جي جوڙيل ٽيم پھچي شفاف جانچ ڪندي ۽ غفلت ڪندڙن خلاف پوء ئي ڪاروائي ڪئي ويندي جڏھن ته شھيد پورھيت جي وارثن سان اداري جي پاليسي تحت ساھتا ڪئي ويندي
فيڊر بند ٿيڻ باوجود واقعو ڪيئن پيش آيو جاچ ٿيڻ گهرجي: ورڪرز يونين
ميھڙ: ھائيڊرو ورڪر يونين جي اڳواڻ حسين جتوئي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو آھي ته اسين ھميشه بالا آفيسرن جي حڪم تحت ڪم ڪندا رھون ٿا اسان جا پورھيت پنھنجي جان خطري ۾ وجھي پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا رھن ٿا ھن چيو ته فيڊر بند ھجڻ باجود به ھي واقعو ڪئين پيش آيو آھي ان جي جانچ ٿيڻ گھرجي ھن چيو ته اسان وٽ ڪم ڪرڻ دوران سامان جي کوٽ ھوندي آھي ۽ سيفٽي ڪٽ وغيره نه ھجڻ ڪري به اھڙا واقعا پيش اچن ٿا ھن چيو ته اسين ھن واقعي تي انتھائي افسوس جو اظھار ڪيون ٿا ۽ ھن واقعي جي شفاف جانچ جو مطالبو ڪيون ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language