
ڪراچي:(آچر 29 جون 2025ع)سانوڻي جي برسات سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان جاري آهي، ڪراچي ۾ برساتن کانپوءِ حادثن ۽ واقعن ۾ ٻارڙي سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. منظور ڪالونيءَ واري علائقي ۾ ڇت ڪِرڻ سبب 2 سالن جو حسن ولد رضوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس والد رضوان ۽ ڀاءُ محمد حسين زخمي ٿي پيا. گلبرگ واري علائقي ۾ ڇت تان ڪِري هڪ شخص فوت ٿي ويو، سندس سڃاڻپ 50 سالن جي افتخار طور ٿي آهي. نيو ڪراچي واري علائقي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو، سندس سڃاڻپ گلفام ولد حاجي بشير جي نالي سان ٿي. ڪورنگي بلال ڪالونيءَ واري علائقي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 17 سالن جو مدثر ولد سونا خان فوت ٿي ويو،ڪراچي جي علائقي لياري موسيٰ لين گلي نمبر 5 ۾ گھهر جي ڇت ڪري پئي، ريسڪيو ذرين موجب ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. فوتين جا لاش ۽ زخميءَ کي سول اسپتال ۽ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو . ملير جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جو تيز وسڪارو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، ان ڏس ۾ گلشن حديد، پپري، ڀينس ڪالوني، قائدآباد، گڏاپ، ابراهيم حيدري سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات، برسات سبب هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪي اليڪٽرڪ جا فيڊر ٽرپ ٿي ويا، تازي سانوڻي برساتن جي ڇنڇر ڏينهن واري وڏي وسڪاري ملير جيل کان قائدآباد قومي شاهراهه پاڻي هيٺ اچي وئي، ايندڙ ويندڙ گاڏيون پاڻي ۾ ڦاسي پيون جڏهن ته سامونڊي پٽي جي ابراهيم حيدري جي هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته لٺ بستي ۽ جت پاڙو برساتي پاڻي ۽ سامونڊي وير چرڻ سبب ماهيگيرن جا گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، آيل طوفاني برسات ميمڻ ڳوٺ کان رزاق آباد ايندڙ رستو سکڻ ندي ۾ پاڻي اچڻ سبب ٻهراڙيون ڪراچي شهر کان مڪمل ڪٽجي ويون، ندي نالا ۽ پاڻي جا لنگهه مڪمل طور تي ڀرجي ويا، گلشن حديد فيز ون ۽ ٽو جي ايل 7 وارو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو پاڻي جي بروقت نيڪالي نه ٿيڻ سبب ۽ پاڻي جا نالا ۽ گٽر لائينون مان پاڻي ٻاهر آيو جنهن سبب ايل 7 واري علائقي وارا گهر مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويا، پپري قبرستان پاڻي هيٺ اچي ويو. دادو ۾ برسات جي وسڪاري سبب شهر جي مصروف ڪاروبار مرڪز اسٽيشن روڊ ، جڳت آباد ، سورج آباد ، غريب آباد نيو بس اسٽاپ، پراڻو بس اسٽاپ سميت شهر جي مختلف پاڙن ، ڪالونين ۾ برسات سان گڏ ڊرينيج جو بيٺل گندو پاڻي 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ميونسپل انتظاميه نيڪال ڪرائڻ نه ڪرائي سگهي آهي، ڪيٽي بندر، ٻگھاڻ، ڳاڙھو ۽ ساحلي پٽيءَ وارن علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به تيز ھوائن سان برسات جاري رهي جنهن سبب ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن . جڏهن ته شھرن توڙي مختلف علائقن جا زميني رابطا پڻ ڪٽجي ويا آهن . بجليءَ جو نظام درھم برھم ٿي ويو آهي . جڏهن ته بجليءَ تي هلندڙ ڪاروبار مڪمل طور بند ٿي ويو آهي. ميرپورساڪرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل ٻن ڏينھن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رھيوٻن ڏينھن کان جاري برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو گرمي جو زور ٽٽي ويو برسات سبب بجلي سسٽم درم برھم ٿي ويو، راڻيپور ۾ سانوڻي جي برسات پوڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، جاتي سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو جاري هجڻ سبب شهر جي مختلف چوڪن روڊ رستن تي پاڻي بهيجي وڃڻ ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون، گھوڙاٻاري جي شھرن گھوڙاٻاري سانولپور، بڪيرا اسٽاپ، پير پٻو، ور ،گيل موري، آچار ڪالوني، 103 موري سميت ننڍن وڏن شھرن ۾ سانوڻي جي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آھي، ننگرپارڪر ۾ کوڻ ڪرڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي ٿي پيو، ڳوٺ ڪراهه ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ٻني ۾ ڪم ڪندڙ هاري 50 سالن جو ڪرشن ولد ناگجي ڪولهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته کنوڻ ڪرڻ جو ٻيو واقعو ڳوٺ ٻانڊو ۾ پيش آيو، جتي پي ۽ پٽ موٽرسائيڪل تي گهر وڃي رهيا هئا ته مٿن کنوڻ ڪري پئي،45 سالن جو ڏيارام ولد ڪچرو ڪولهي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ سورج ڪولهي معمولي زخمي ٿي پيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language