welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بوزدار خلاف سرڪاري زمين جعلسازي ذريعي پنهنجي نالي تي منتقل ڪرڻ جو ڪيس داخل

لاھور: آچر 19 جون 2022ع : پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف اينٽي ڪرپشن پنجاب ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب ڊپٽي ڪمشنر ڊيرا غازي خان جي انڪوائري رپورٽ جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته مقدمي ۾ عثمان بوزدار جي ڀائرن جا نالا به شامل آهن، جنهن ۾ سرڪاري زمين جعلي نالن تي منتقل ڪرڻ جي شق شامل آهي. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب عثمان بوزدار تي 900 ڪنال سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ بابت جعلي خط تيار ڪرڻ جو الزام آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے