
اسلام آباد:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)سپريم ڪورٽ 9 مئي جي 8 ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 9 مئي جي ڪيسز ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي. جڏهن ته چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ڪيس ٻڌندڙ بينچ ۾ تبديلي ڪئي وئي، 3 رڪني بينچ ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي جڳهه جسٽس حسن اظهر رضوي کي شامل ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي عدالت کي ٻڌايو ته ڪالهه طبيعت خراب هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيس جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪا ڳالهه نه آهي.
چيف جسٽس چيو ته اوهان ٻنهي کان عدالت جا 2 سوال آهن، اوهان لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڙهيو هوندو. پهريون سوال! ڇا ضمانت ڪيس ۾ حتمي فائنڊنگ ڏئي سگهجي ٿي؟ ٻيو سوال! ماضي ۾ سازش جي الزام تي سپريم ڪورٽ جوابدارن کي ضمانت ڏني، ڇا تسلسل جو اصول هن ڪيس تي اپلائي ٿيندو؟
اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي چيو ته ضمانت ڪيس ۾ عدالت جي آبزرويشن هميشه عبوري نوعيت جي هوندي آهي. عدالتي آبزرويشن جي ٽرائل تي ڪوبه فرق نٿو پوي. سپريم ڪورٽ جي ضمانت بابت گائيڊ لائن ڏنل آهي جيڪا ڪڏهن فالو ٿيندي آهي ته ڪڏهن وري ناهي ٿيندي. پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي سپريم ڪورٽ جو ضمانت بابت فيصلو پڙهيو. اسپيشل پراسيڪيوٽر اعجاز احمد چوڌري ڪيس ۾ ضمانت منظوري جو فيصلو عدالت ۾ پڙهيو.
چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ۾ سازش بابت ڪيسز ۾ ضمانت رد ٿيڻ جو فيصلو پڙهي اچو. جسٽس يحيٰ آفريدي اسپيشل پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪندي چيو اوهان ڪيس ۾ سازش جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، ڪو اهڙو ڪيس آهي جنهن ۾ سازش ٿي هجي ۽ ضمانت رد ڪئي وئي هجي؟ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته تازو ئي سپريم ڪورٽ ۾ جيترا سازش بابت ڪيس آيا انهن ۾ ضمانت منظور ٿي آهي، سپريم ڪورٽ اهڙن ئي الزامن جي 3 ڪيسز ۾ ضمانتون منظور ڪيون آهن، پنهنجي ڪيس کي سازش بابت ٻين ڪيسز کان ڌار ثابت ڪريو.
اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سازش بابت ضمانت منظور ٿيل ڪيسز ۾ ثبوت نه هوندا. موجوده ڪيس ۾ سوشل ميڊيا تي سازش بابت ثبوت موجود آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو اوهان کي ضمانت جي اسٽيج تي ميرٽ جي ڳالهه ناهي ڪرڻي.
عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر چيو مون وٽ سازش بابت ضمانت جا سمورا ڪيسز موجود آهن. چيف جسٽس اسپيشل پراسيڪيوٽر کي ضمانت رد ٿيڻ بابت فيصلي جا تفصيل ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پراسيڪيوٽر سپريم ڪورٽ جي اهڙي ڪيس جو حوالو ڏئي ته سازش جي الزام ۾ ضمانت رد ٿي هجي ۽ سازش جي 3 ڪيسز ۾ ضمانت ملي هجي.
ذوالفقار نقوي عدالت کي ٻڌايو ته انهن ۾ نالا ايف آءِ آر ۾ شامل نه هئا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سازش جي ڏوهه جي ڪيسز ۾ ضمانت نه ٿيڻ ٿورو مشڪل هوندي آهي، ڪيس جي ميرٽ تي ڪنهن ڌر کي نه ٻڌنداسين، ٻئي ڌريون سمجهي وٺن ڪيس جي مُک حقيقتن تي ڳالهائڻ نه ڏينداسين، ميرٽس ٽرائل ڪورٽ کي پاڻ طئي ڪرڻا آهن.
اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته سپريم ڪورٽ 2014 جي هڪ فيصلي ۾ فريم ورڪ طئي ڪيو، فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ضمانت ڪيس ۾ ڏنل آبزرويشنز عارضي نوعيت جي هوندي آهي، 1996 ۽ 1998 ۾ انهي اصول تي عمل ڪيو ويو ته ضمانت ۾ ڏنل آبزرويشنز عارضي هوندي آهي.
ذوالفقار نقوي چيو ته عدالتي فيصلن ۾ قرار ڏنو ويو ته ضمانت ۾ ڏنل آبزرويشنز ٽرائل کي متاثر ناهي ڪندي، 2022 ۾ محمد رفيق نالي اسٽيٽ ڪيس ۾ به ساڳيو اصول طئي ڪيو ويو.
چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان وٽ جوابدار جي خلاف ثبوت موجود آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته 3 گواهن جو بيان آهي، فوٽو گريميٽنگ، وائس ميچنگ ٽيسٽ موجود آهي. پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي چيو ته واٽس ايپ ميسجز موجود آهن. هاءِ ڪورٽ چيو هو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ مختلف ٽيسٽ جي حوالي سان درخواست ڏيو، ٽرائل ڪورٽ ٽيسٽ وٺڻ جي اجازت ڏني پر جيل ۾ جوابدار تعاون نه ڪيو.
سپريم ڪورٽ استغاثه جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ 9 مئي جي 8 ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت عمران خان کي ضمانت جي 8 ڪيسز ۾ آزاد ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ليگل نتيجا هوندا اوهان ائين ڇو چئي رهيا آهيو جيڪو صرف اوهان جي فيور ۾ وڃي رهيو هجي، سپريم ڪورٽ کان فائنڊنگز نه وٺو، قانون اوهان کي پاڻ فائنڊنگز ڏيندو، جيڪو ثبوت آهي انهي کي ٽرائل ڪورٽ ۾ رهڻ ڏيو. چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته ڪيترا دفعا چئي چئي چڪو آهيان ته فائنڊنگ تي نه وڃو، ضمانت جي معاملي تي سپريم ڪورٽ فائنڊنگ ۾ محتاط هوندي آهي، ٽرائل ڪورٽ کان فائنڊنگ وٺو، ثبوت ٽرائل ڪورٽ ۾ اچي ويندو.
اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته ثبوت جوابدار سان گڏ ڪنيڪٽ ڪري رهيو آهيان جنهن تي جسٽس حسن اظهر چيو ته 14 مئي تي جوابدار جي ضمانت منظور ٿي، ڇا انهي دوران جاچ ٿي؟ ڇا تعاون ڪيو ويو؟ استغاثه جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو سمورن ڪيسز ۾ مُک ڪردار آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ميرٽ جي ڳالهه ڪندو ته سلمان صفدر به ڳالهائيندو، سپريم ڪورٽ ميرٽ تي آبزرويشن ڏني ته ٽرائل متاثر ٿيندو، منهنجو ڪم اوهان کي فائنڊنگ بابت آگاهه ڪرڻ هو باقي جيئن اوهان بهتر سمجهو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language