اسلام آباد:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته جنهن به ڄاڻي ٻجهي پاڪستان سان دشمني ڪئي ان جو حشر خراب ثيو .
آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير، اسان جي بهادر فوج، هوائي فوج ۽ بحريه هندستان کي سبق سيکاريو، جنهن به جان بوجھ ڪري پاڪستان کي ڀڙڪايو ان کي سزا ملڻ گهرجي.
هن چيو ته چيو ويندو هو ته ڪو ڊيفالٽ ٿيندو، پر الله جي فضل سان اسان پاڻ کي هن مشڪل مان ڪڍي ڇڏيو.
اسحاق ڊار چيو ته جڏهن برآمد جي سهولت جو مسئلو مون وٽ آيو ته مون ان کي درست ڪيو، ملڪ استحڪام حاصل ڪيو آهي، پر هاڻي اسان کي ترقي ڏانهن وڌڻو آهي.
نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪاروباري برادري ۽ حڪومت گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن، اسان گڏجي هلي رهيا آهيون، سود جي شرح 9 تائين وڃڻ گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language