لنڊن:(سومر11 آگسٽ 2025ع)برطانيه هڪ نئين قانون تحت پرڏيهي ڏوهارين کي فوري طور تي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
برطانوي انصاف واري وزير شبانه محمود جو چوڻ آهي ته جيل جي سزا ٻڌايل ماڻهن کي انهن جي ملڪ واپس موڪليو ويندو.
هن چيو ته جيڪي پرڏيهي قيدي پنهنجيون سزائون پوريون ڪري چڪا آهن انهن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو.
برطانوي ميڊيا موجب، ان قدم سان هر قيدي کي هر سال سراسري طور تي 54,000 پائونڊ جي بچت ٿيڻ جي اميد آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language