welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر ۾ سنڌ امن جرڳو، ڪراچي تائين مارچ، سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان، ميڙ منٿ ڪاميٽي قائم

سکر:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع)سکر ۾ جميعت علماءِ اسلام جي سربراهيءَ هيٺ هڪ ڀيرو ٻيهر ”سنڌ امن جرڳو“ ڪوٺايو ويو. مختلف برادرين جي سردارن، چڱن مڙسن جي شرڪت. متفقه طور تي قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ 35 رڪني امن ڪاميٽي قائم جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سربراهيءَ هيٺ سکر جي نجي هوٽل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ”سنڌ امن جرڳو“ صوبائي امير مولانا عبد القيوم هاليجوي، سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. جنهن ۾ قبيلائي سردارن ۽ معزز شخصيتن سنڌ ۾ امن جي بحالي ۽ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. جرڳي کانپوءِ جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته متفقه طور تي فيصلو ٿيو آهي ته 11 سيپٽمبر تي جي يو آءِ جي ميزبانيءَ ۾ سنڌ امن قافلو ڪشمور کان شروع ڪيو ويندو، جيڪو شڪارپور، سکر، نوشهروفيروز، ٺٽو، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن، شهرن کان ٿيندو ڪراچي پهچندو، جِتي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو. هن چيو ته اِن کان اڳ 25 آگسٽ تي ڪراچي ۾ جي يو آءِ جي جنرل ڪائونسل اجلاس جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ جي امن امان بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا. علامه راشد محمود سومرو چيو ته اڄ جي جرڳي جي فيصلي مطابق 35 رڪني سردارن ۽ معزز شخصيتن تي مشتمل امن ڪميٽي قبيلائي تڪرارن، جهيڙن جي خاتمي لاءِ مختلف ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلا وٺي ويندي. جن کي قبيلائي تڪرار ختم ڪرڻ ۽ صلح لاءِ فيصلو ڪرڻ تي راضي ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان انهن وٽ به وينداسين، جيڪي هٿيار کڻي بيٺل آهن، ۽ انهن کي به هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ قائل ڪنداسين. ڌاڙيل، ڏوهارين وٽ به وينداسين چونداسين ته حڪومت ۽ اوهان جي جهيڙي ۾ حڪومت ڪمزور ٿي وئي آهي. نقصان سنڌ جي عوام ۽ سنڌ کي ٿي رهيو آهي. سنڌ بدنام ٿي رهي آهي. سنڌ جي خاطر عوام خاطر هٿيار ڇڏي ڏيو. هن چيو ته گذريل ڊگهي عرصي کان سنڌ جون حالتون انتهائي خراب آهن، ٻيٽ، سمنڊ، ڪارونجهر، قتل عام ۽ بدامني جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي سميت ڪيترائي علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن. هزارين ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. هن وقت تائين چار سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪجهه عرصي دوران ڌاڙيلن اغوا ڪيو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص، سکر سميت پوري سنڌ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم عروج تي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جا نمائندا سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپي رهييا آهن. ٻه سئو ارب روپين جي بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي خلاف آپريشن لاءِ بجيٽ هجڻ باوجود پوليس ۽ رينجرس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. بلوچستان ۽ ڪي پي جي حالتن سان سنڌ جي ڀيٽ ڪرڻ سنڌ حڪومت جي نااهليءَ جو ثبوت آهي، جيڪڏهن بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ لاش ملن ٿا ته اُهي بغاوت ڪن ٿا، ڇا توهان به چاهيو ٿا ته سنڌ جون ماءُ ڀينرون به بغاوت تي لهي اچن. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ عوام جي جان ۽ مال محفوظ آهي. اتي رينجرس، آرمي ۽ آفيسر غير محفوظ آهن. اتي سرڪاري ملازمن کي اغوا ڪيو ويندو آهي. هتي سرڪاري ملازمن جي سرپرستي ۾ ڌاڙيلن کي هٿيار سپلائي ٿيندا آهن، جديد هٿيار بارڊر ۽ ڪيتريون ئي چوڪيون ڪيئن ڪراس ڪري آسانيءَ سان ڪچي ۾ پهچندا آهن. ڪڏهن وڏي وزير ان تي ڇو ناهي ڳالهايو. هن چيو ته حڪومتي سردار جرڳي ۾ موجود ناهن، لڳي ٿو حڪومت انهن کي منع ڪيو آهي. اهي ماڻهو بدامني ۾ ملوث آهن، اليڪشن وارن ڏهاڙن ۾ امن هوندو آهي ان ڪري جو ڏوهاري انهن کي جعلي ووٽ تي ٺپا لڳرائڻ ۾ مصروف هوندا آهن. هن چيو ته جي يو آءِ جو هي جرڳو پوليس، فوج ۽ رينجرز سان سهڪار لاءِ آهي، اسين سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اسين چاهيون ٿا ته ڪچي جا ٻار به تعليم حاصل ڪن، ڪچي جا ماڻهو به پنهنجين ڌيئرن کي باعزت طريقي سان رخصت ڪن، اسان انهن کي امن لاءِ راضي ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سکر ۾ ڊاڪٽر ڪرپال داس تي قاتلانه حملو جي مذمت ڪريون ٿا، هڪ سازش تحت سنڌ اندر هندو برادريءَ لاءِ رِڻ ٻاريو ويو آهي. اُنهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هندو بردريءَ اصل ڌرتي ڌرڻي آهي انهن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. پر افسوس حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. علامه راشد محمود سومرو چيو ته شڪارپور پوليس پاران بيگناهه عورتن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، اُنهن مٿان جيڪڏهن ڪي ڪيس آهن ته اُنهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. عوام کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اهي اوهان جي بنگلن جو گهيراءُ ڪن. سنڌ جي حڪمرانن کي معدنيات، وسيلن تي قبضو ڪرڻ مان جيڪڏهن فرست ملي آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ جوڳا قدم کڻي. علامه راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ هر لحاظ کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، جنهن ۾ معاشي، صحت، تعليم، طبقاتي نظام، ميرٽ جو قتل عام ۽ خراب حڪمراني عوام جي سامهون آهي. جي يو آءِ هميشه ڪچي ۾ گڏيل آپريشن جو مطالبو ڪيو آهي، هن چيو ته ڌاڙيل معصوم ٻار به اغوا ڪري رهيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے