
اسلام آباد:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع)اسلام آبادبندرگاهن جون ملڪيتون ۽ وهنوار اٿارٽي حوالي، زمين وڪڻڻ، ڀائيواري ۽ اڏاوت جا اختيار: رنڊڪ تي 3 سال سزا تجويز، قومي اسيمبلي پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025ع منظور ڪري ورتو، اسٽيڊنگ ڪاميٽي بل بابت رپورٽ پيش ڪئي، جنهن بعد قومي اسيمبلي پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بِل 2025ع کي ترميمن سميت اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. اسٽيڊنگ ڪميٽي پاران منظور ڪيل بل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سيد نويد قمر طرفان ڪُل 19 ترميمون متعارف ڪرايون جيڪي سموريون منظور ڪيون ويون، قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل لينڊ پورٽ اٿارٽي بل مطابق هي بل سڄي پاڪستان تي لاڳو تصور ٿيندو. اِن قانون تحت گورننس ڪائونسل قائم ٿيندي. جنهن ڪائونسل جو لاڳاپيل شعبي جو انچارج وزير صدر هوندو. جڏهن ته ساڳي وزارت جي سيڪريٽري سان گڏ واپاري، مواصلات، دفاع، روينيو، رٿابندي، فوڊ سيڪيورٽي، ڊائريڪٽر اميگريشن اينڊ پاسپورٽ، چيف ايگزيڪيٽوَ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي، ميمبر ڪسٽم آپريشن، چيمبر آف ڪامرس جو صدر، معاشي معامرن جو ماهر، قانوني معامرن جو ماهر گورننس ڪائونسل جا ميمبر هوندا. گورننس ڪائونسل جا سال اندر گهٽ ۾ گهٽ ٻه اجلاس ٿيندا. گورننس ڪائونسل فيصلا اڪثريت راءِ جي بنياد تي ڪندي. ڪائونسل حڪومت پاران ضروري پاليسي تي سفارشون مرتب ڪندي. بل تحت هڪ اٿارٽي قائم ڪئي ويندي جنهن جي هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ هوندي. اٿارٽيءَ کي ڪنهن به هنڌ تي علائقي آفيس کولڻ جو اختيار هوندو. اٿارٽي جو مئنيجر ڊائريڪٽر سربراهه هوندو. جڏهن ته وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري، دفاع، واپاري وزارت جا ايڊيشنل سيڪريٽري، اين ايچ اي جو چيئرمين، ڊائريڪٽر ملٽري آپريشن، ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن ۽ ايف آءِ اي اٿارٽيءَ جا ميمبر هوندا. جڏهن ته ڊائريڪٽر پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري طور ڪم ڪندو. منظور ڪيل بل مطابق اٿارٽيءَ کي متحرڪ ۽ غير متحرڪ قسم جون ملڪيتون خريد ڪرڻ، اُنهن کي حاصل ڪرڻ، وڪرو ڪرڻ جا اختيار هوندا. جڏهن ته اٿارٽي کي پورٽ جي زمين کي تيار ڪرڻ، واپار ۽ سرحدي ڪنٽرول جي سهولت لاءِ ضابطه اختيار ڪرڻ، لينڊپورٽ آپريٽرز جي ڪارڪردگيءَ جو معائنو ۽ نگراني ڪرڻ جي اختيارن سان گڏ سامان جي فوري ڪليئرنس لاءِ قدم کڻڻ، تجارتي سهولت لاءِ لائسنس جاري ڪرڻ، اُنهن معطل يا ختم ڪرڻ جا به اختيار هوندا. اٿارٽي کي هوٽل، ريسٽورنٽ، رهائشي عمارتن، دوڪانن، آرام گاهن، تفريحي مرڪز قائم ڪرڻ جا به اختيار هوندا. اٿارٽي گڏيل شراڪتداريءَ، انفرادي توڙي نجي شراڪت سان مقامي، عالمي ادارن، سرڪاري ادارن، نجي شعبي سان تجارتي ڪم يا منصوبابندي ڪرڻ جو به اختيار هوندو. اٿارٽي مختلف ڪاميٽيون به قائم ڪري سگهندي. اٿارٽي پاسپورٽ، ڪسٽم، رينجرس، پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ حڪومتي ادارن جي معاونت سان لينڊ پورٽ تي امن امان کي يقيني بڻائي سگهندي. جيڪڏهن ڪو حڪومتي ادارو اٿارٽيءَ فيصلي سان مطميئن نه هجي ته اُن کي گورننس ڪائونسل ڏانهن اماڻيو ويندو جيڪا اُن تي فيصلو ڪندي ۽ اِن فيصلي تي عمل سمورن ادارن تي لاڳو هوندو. اٿارٽي ڪنهن به سرگرمي کي نجي شراڪتداريءَ سان آئوٽ سورس به ڪري سگهندي. هن قانون تحت ڪنهن به سرگرميءَ کي بنا لائسنس يا معاهدي جي انجام ڏيڻ، لينڊ پورٽ آپريشن جي اجازت کان بغير مداخلت ڪرڻ، رڪاوٽ وجهڻ، يا نقصان پهچائڻ، لينڊپورٽ کي هلائڻ وارن، يا سروس فراهم ڪرڻ وارن، يا اُن جي ڍانچي کي نقصان پهچائڻ ڏوهه تصور ٿيندو. اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي 3 سال قيد ۽ 2 ڪروڙ روپين تائين ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي. اٿارٽيءَ جي ڪنهن مجاز آفيسر جي تحريري شڪايت کان سواءِ هن قانون تحت ڪا به عدالت ڪاروائي نه ڪري سگهندي. اٿارٽيءَ جي فيصلي خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل ٽربيونل ۾ داخل ڪري سگهجي ٿي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language