اسلام آباد:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع)اسلام آباد ايڪنڪ حيدرآباد سکر موٽر وي رٿا جي 5 مان ٽن سيڪشنز جي اڏاوت جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته موٽروي جي ٽن سيڪشنز ۾ 306 ڪلوميٽرز تائين اڏاوت لاءِ 363 ارب رپيا منظور ڪيا ويا، سکر، راڻيپور ۽ نوشهروفيروز سيڪشنز جي اڏاوت لاءِ اسلامڪ ترقياتي بينڪ فنڊز ڏيندي، ٽن سيڪشنز وسيلي نوابشاهه تائين موٽروي جي اڏاوت مڪمل ٿي ويندي، رهيل ٻن سيڪشنز ٽنڊو آدم ۽ حيدرآباد لاءِ ڌار منظوري ڏني ويندي. ايڪنڪ موجوده مين هاءِ وي کي روهڙي کان راڻيپور تائين 6 لاننن جو روڊ ڪري تعمير ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، مهراڻ هاءِ وي جي 135ڪلوميٽرن کي ويڪرو ڪرڻ جو به منصوبو منظور ڪيو ويو آھي، جڏهن ته سانگهڙ کان روهڙي تائين 221 ڪلو ميٽر مين روڊ کي به وسيع ڪرڻ جو منصوبو، روهڙي کان گڊو تائين 150 ڪلوميٽر روڊ ڊبل ڪرڻ جي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي، ڪوسٽل هاءِ وي ٺٽي جي 36 ڪلوميٽر روڊ جي تعمير، ٽنڊو آدم کان ٽنڊوالهيار روڊ جي 31 ڪلوميٽر تائين تعمير جو منصوبو به منظور ڪيو ويو. مجموعي طور تي 28 منصوبن تي غور ڪرڻ بعد منظوري ڏني وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language