welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بحريا جون 5 ارب جون 6 ملڪيتون نيلامي لاءِ پيش: 3 وڪرو، ٽن جو صحيح ملهه نه لڳو

اسلام آباد:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع)اسلام آباد بحريا ٽائون جي ڇهه ڪمرشل پراپرٽيز جي نيلامي شروع ٿي وئي، نيلامي جي تقريب دوران هڪ پراپرٽي ڪاميابي سان نيلام ٿي وئي. نيب هڪ بيان جاري ڪندي ٻڌايو ته روبيش مارڪي نالي پراپرٽي کي 50 ڪروڙ 80 لک رپين ۾ نيلام ڪيو ويو آهي ۽ اها رقم ريزرو پرائيس کان ٻه ڪروڙ رپيا وڌيڪ آهي. نيب موجب هن پراپرٽي جي ادائيگي ۽ منتقلي جو عمل جاري آهي. نيب اختيارين موجب بحريا ٽائون جي ڪارپوريٽ آفيس ون ۽ ٽو لاءِ مشروط آڇون ڪيون ويون آهن. ڪارپوريٽ آفيس ون لاءِ87 ڪروڙ 60 لک جي مشروط ٻولي لڳي. ڪارپوريٽ آفيس ٽو لاءِ 88 ڪروڙ 15 لک جي مشروط آڇ ٿي. ڪارپوريٽ آفيس ون ۽ ٽو جي نيلامي جي منظوري اڃا ڏيڻي آهي. جڏهن ته نيب جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون جون ٽي ملڪيتون نه وڪاڻيون. انهن جي نيلامي ملتوي ڪئي وئي آهي، انهن تي نيب جي گھربل ٻولي نه ملي. بي بي سي موجب جن ڇهن ملڪيتن کي نيلامي لاءِ پيش ڪيوويو آهي انهن جي ماليت پنج ارب رپين کان وڌيڪ آهي. ميڊيا کي نيلامي لاءِ گھرايو ويو هو پر انهن کي اهو عمل ڏسڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ٻن ڪلاڪن بعد صرف هڪ پريس رليز جاري ڪري ان جا تفصيل ٻڌايا ويا. جن ٽن ملڪيتن جي گھربل ٻولي نه ملي انهن ۾ ايرينا سينيما، بحريا ٽائون انٽرنيشنل اڪيڊمي ۽ سفاري ڪلب شامل آهن. هوڏانهن بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض جي پراجيڪٽ بحريا ٽائون جي ٻن ڪارپوريٽ آفيسن سميت اربين رپين جي ماليت جي ڇهن ملڪيتن جي نيلامي جي ڪالهه تاريخ مقرر ڪيل هئي. جنهن خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني وئي هئي پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيلامي روڪڻ واري بحريا ٽائون جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے