welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قتل ڪيس جو جوابدار ماستر ڀرتي، سرٽيفڪيٽ جاري، جاچ ڪاميٽي قائم

ميرپورماٿيلو:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع) قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي ڪليئر ڪري سرٽيفڪيٽ جاري! ايس ايس پي گهوٽڪي جاچ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، گهوٽڪي پوليس ڪارنامو قتل ڪيس سميت دهشتگردي جي قلم هيٺ گهربل روپوش جوابدار وارث ڏنو سندراڻي کي ڪليئر ڪري کيس ڪيريڪٽر ۽ ويريفڪيشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو، جنهن بنياد تي تعليم کاتي کيس استاد طور ڀرتي ڪيو. ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڊي ايس پي ليگل عطا محمد سومرو کي جاچ آفيسر مقرر ڪندي 24 ڪلاڪن اندر جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.وارث ڏنو سندراڻي مٿان سندراڻي ٿاڻي تي پوليس اهلڪار شاهه علي سيال جي قتل، پوليس پڪٽ تي حملو ۽ دهشتگردي جا سنگين ڪيس داخل آهن. سندس خلاف سرڪار پاران دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، جڏهن ته هو واقع کان پوءِ روپوش هو.اهڙي باوجود پوليس آفيس مان وارث ڏنو کي ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته سندس خلاف ڪا به ڏوهي ريڪارڊ موجود ناهي. سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي کيس تعليم کاتي ۾ آءِ بي پاس اميدوار طور آرڊر جاري ڪري استاد طور ڀرتي ڪيو ويو.مقامي حلقن ۽ شهري حلقن پاران واقعي تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ سوال اٿاريو ويو آهي ته ڏوهن ۾ گهربل روپوش جوابدار کي ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي گهوٽڪي ڪليئر ڪيئن ڪيو؟

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے