welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۾ ڪجهه ناهي، رڳو اوندهه آهي، ڇا ڪبوتر وانگي اکيون ٻوٽي چئجي ته سڀ ٺيڪ آھي؟:جسٽس پنهور

عمرڪوٽ:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع) سپريم ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور چيو ته هاءِ ڪورٽ جي جج جي حيثيت ۾ ڪوشش ڪيم ته سنڌ جي ڪاليجن ۾ چار سالن جو ڊگري پروگرام شروع ٿئي خوشي آھي ته عمرڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ بي ايس ڪئمسٽري فور ايئرز جو پروگرام شروع ٿيو آھي، پر گڏو گڏ مونکي افسوس به آھي جو سنڌ جي ڪاليجن ۾ گذريل 50 سالن کان فيڪ ڊگريون ملنديون ھيون، مون آرڊر پاس ڪيا ته ايف آرز داخل ٿيڻ کپن تعليم کاتي جي ذميوارن کي نوٽيس جاري ٿيڻ کپن عمرڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي چونڊيل عھديدارن کي حلف کڻائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي جسٽس صلاح الدين پنھور چيو ته ڪيسز پنھنجي جاءِ تي اسان عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ڏئي سگھيا آھيون، جيڪي سندن بنيادي حق آھن اھي نه ڏئي سگھيا آھيون، ھن ڌرتي جو ٻارن جو اسان تي قرض آھي اسان کي نور محمد لاکير حاجي عثمان مري ٿيڻو پوندو سرندي وارن کي اسان سڀني کي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته مون 18 سال وڪيل طور مٺي ميرپورخاص عمرڪوٽ ۾ پريڪٽس ڪئي آھي، جيڪي بار مسئلا رکيا ويا آھن اھي سڀ بنيادي حقن جا آھن، جيڪي ملڻ گھرجن ڪورٽون ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون نصرالله گڏاڻي جو ڪيس آيو ان ۾ اسان انصاف جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اپر سنڌ ۾ سرداري سسٽم آھي جاگيرداڻو سماج آھي سوسائٽي کي جڪڙيو ويو آھي نسلون تباھ ٿي ويون آھن سولائيزڊ ماڻھو ھي مسئلا ٻڌن ته چوندا ھي زنده ڪيئن آھن ٽن بار ڪائونسلن جا سڀ وڪيل نصرالله گڏاڻي جي جوابدارن لاءِ وڪيل ٿيا ھئا وڏا ڀوتار به سفارشي ھئا پر اسان ڪيس تي ائڪشن ورتو مون آرڊر ڪيو ته اھڙي چيف جسٽسي مونکي نٿي کپي جو وڏو عھدو وٺان ۽ انصاف نه ڪري سگھان، يورپ ۾ تبديلي ڪوآپريٽوازم جي ڪري آئي اھو 1925 ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽي ائڪٽ آيو پر ان کي ڪنھن نه پڙھيو ڏٺو ۽ ان کي ھائوسنگ سوسائٽي ائڪٽ ۾ بدلايو ويو مون ان بابت آرڊر ۾ لکيو سڀ واضح ڪيو ھارين کير وڪڻندڙ ريڙھي وارن لاءِ اھو ائڪٽ آيو ھو گھرن لاءِ نه آيو ھو عمرڪوٽ جي تعليم سڄي سنڌ کان وڌيڪ خراب آھي 45 سيڪڙو نياڻيون عمرڪوٽ ۾ اسڪولن کان ئي ٻاھر آھن اھو ڊراپ آئوٽ ريشو آھي عمرڪوٽ ۾ لائبريري ناھي آئون شاھد آھيان پاڻ ھتي عمرڪوٽ ۾ تعليم سڄي سنڌ کان وڌيڪ خراب آھي، قانون موجود آھي پر ھاري ۽ مزدور جا اسان جج آھيون ئي ڪونه پوءِ ڪنداسين ڇا؟ ٻارن وٽ ڪمپيوٽر ڪونھي صرف 6 سيڪڙو ھاري رجسٽرڊ آھن سنڌ ۾ ٽي ويلا ماڻھن کي ماني نصيب ڪونھي اپر سنڌ سڄي جتي ايس ايس پي پاڻ اچي چوندا ھئا ته ماڻھو اغوا ٿين پيا ڪجھه نٿا ڪري سگھون آئون پڇندو آھيان ڪوشش ڪندو آھيان ته زمين تي رھان پر ججن کي آئيسوليٽ ڪري عوام کان پري ڪيو ويو آھي ان کان اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جسٽس صلاح الدين پنھور عمرڪوٽ پھچي گورنمنٽ ڊگري بوائز ڪاليج جو دورو ڪيو، جسٽس صلاح الدين پنھور ڪاليج جي پروفيسرن استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪئي. جڏھن ته جسٽس صلاح الدين پنھور گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليس بھترين استادن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ۽ جسٽس پاڻ شاگردن سان گڏ بيھي استادن کي سلام پيش ڪيو، جسٽس صلاح الدين پنهور جو چوڻ هو ته ڇا ڪبوتر وانگي چئجي سڀ صحيح آھي؟ آئون اوھان جو جج ھوندي وڪيل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندس ٻارن وٽ پڙھائي لاءِ پئسا ئي ڪونھي بٺن جي ڪري ماڻھن کي بيماريون ڪيتريون ٿين ٿيون، مون فيصلا ڏنا جج طور آئون ڏاڍو تڪليف ۾ رھيو آھيان بطور سوسائٽي اسان جو رول سٺو ناھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے