welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽرمپ جو 50 سيڪڙو اضافي ٽيڪس، ڀارتي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربين ڊالرن جو نقصان

ممبئي:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڀارتي شين تي 50 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي اچي وئي، جنهن سبب سيڙپڪارن کي اربين روپين جو وڏو نقصان ٿيو آهي. رپورٽ موجب، آمريڪي اضافي ٽيڪس ۽ ڀارتي ڪمپنين جي گهٽ آمدني جي ڪري ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ۾ ممبئي جي اسٽاڪ مارڪيٽ ايڪسچينج ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. ٽرينڊنگ دوران نفٽي 50 انڊيڪس ۾ 0.6 سيڪڙو گهٽتائي سان انڊيڪس 24,484 پوائنٽن تي اچي ويو، جڏهن ته سينسڪس به 0.6 سيڪڙو گهٽجي 84,140 پوائنٽن تي پهچي ويو. ان کان علاوه، ممبئي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 16 مان 15 سيڪٽر مندي جو شڪار رهيا، جن ۾ 0.4 سيڪڙو کان 0.7 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي. گذريل ڏينهن به نفٽي آءِ ٽي انڊيڪس ۾ 0.9 سيڪڙو ۽ فارما انڊيڪس ۾ 0.7 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ماهرن جي چوڻ آهي ته، آمريڪي (ٽيرف) اضافي ٽيڪس جي اعلان کانپوءِ پيدا ٿيل غير يقيني صورتحال سبب صرف خميس جي ڏينهن پرڏيهي سيڙپڪارن ڀارتي مارڪيٽ مان لڳ ڀڳ 50 ارب ڊالر ڪڍي ڇڏيا، جنهن سان مارڪيٽ تي تمام گھڻو دٻاءُ وڌي ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے