
اسلام آباد::(جمعو 08 آگسٽ 2025ع)وفاقي حڪومت جبري گمشدگين تي انڪوائري ڪميشن کي ٻيهر قائم ڪندي جسٽس (رٽائرڊ) سيد ارشد حسين شاهه کي ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جن عهدي جو چارج سنڀالڻ بعد گمشدہ ماڻهن جي مسئلي جي حل لاءِ فوري قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ڪميشن کي مبينا جبري گمشدگين بابت 10 هزار 607 ڪيس موصول ٿيا، جن مان 31 جولاءِ 2025 تائين 8 هزار 770 ڪيس (82 سيڪڙو) مڪمل طور تي سلجھايا ويا آهن.
چيئرمين جسٽس (رٽائرڊ) ارشد حسين شاهه جي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ صرف جولاءِ جي مهيني ۾ 70 ڪيس مڪمل ڪيا ويا، جڏهن ته 15 نيون شڪايتون به رجسٽر ڪيون ويون.
وفاقي حڪومت پاران گمشدہ ماڻهن جي خاندانن جي مالي مدد لاءِ 50 لک رپين جي پيڪيج تي عمل به شروع ڪيو ويو آهي، چيئرمين ٻن اهم اجلاس جي صدارت ڪندي مالي مدد جي ڪيسن لاءِ سفارشون وفاقي حڪومت کي پيش ڪيون،
ان دوران جسٽس (رٽائرڊ) نذر اڪبر کي ميمبر سنڌ ۽ رٽائرڊ جج محمد بشير کي ميمبر اسلام آباد مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جسٽس (رٽائرڊ) سيد افسر شاهه کي ميمبر خيبرپختونخوا جي ذميواري ڏني وئي آهي.
ڪميشن گمشدگين جي تحقيقات ۽ جلد سلجھائڻ لاءِ هڪجهڙي پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، چيئرمين ضابطن جي تياري لاءِ لاهور ۽ ڪراچي جو دورو ڪندي 50 کان وڌيڪ ڪيسن جي سنڀال ڪئي، ۽ پنجاب، خيبر پختونخوا، اسلام آباد ۽ سنڌ جي داخلا سيڪريٽرين ۽ پوليس سربراهن سان ملاقاتون به ڪيون.
جسٽس (رٽائرڊ) ارشد حسين شاهه صوبن، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جي گڏيل جاچ ٽيمز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورسز کي هدايت ڪئي، ته رپورٽون بروقت جمع ڪرايون وڃن، ته جيئن گمشدگين جو مسئلو سٺي نموني حل ٿي سگهي
0 تبصرے
Do not use vulgar language