
ڪراچي:(خميس 14 آگسٽ 2025ع)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جنهن طريقي سان سفارتي ميدان ۾ مودي حڪومت کي شڪست ڏني اها ساراهه جوڳي آهي.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نشان امتياز ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نشان امتياز بلاول ڀٽو زرداري جي پاڪستان لاءِ بي مثال خدمتن جو اعتراف آهي.
هن چيو ته هي اعزاز هر پاڪستاني لاءِ فخر جو باعث آهي جيڪو ملڪ جي عزت ۽ وقار کي دنيا ۾ بلند ڏسڻ چاهي ٿو. بلاول ڀٽو جنهن طريقي سان مودي حڪومت جي علائقائي غنڊه گردي کي دنيا ۾ بي نقاب ڪيو اهو ساراهه جوڳو ۽ هر پاڪستاني لاءِ فخر جو باعث آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي صاف ۽ تيز سفارتڪاري دنيا کي ٻڌايو ته پاڪستان امن چاهي ٿو پر پنهنجي قومي مفادن ۽ وقار تي سمجهوتو نه ڪندو.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هي ڪاميابي نه رڳو سندس ذاتي خدمتن جو اعتراف آهي پر پاڪستان جي سفارتي تاريخ جو هڪ سونهري باب پڻ آهي.
سينئر صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جنهن جرئت، عقلمندي ۽ برداشت سان عالمي فورمن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو، اهو فخر جوڳو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هندستان جي بدصورت چهري کي بي نقاب ڪيو ۽ دنيا کي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ مثبت پاڪستان سان روشناس ڪرايو.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾، بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي موقف کي نه رڳو ٻڌو ويو پر مثبت انداز ۾ ساراهيو ويو.
سينئر صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي نوجوان قيادت ۽ جديد سفارتي وژن ذريعي پاڪستان جي تصوير کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language