welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

والاريل ڪشمير جي ڪشتواڙ ضلعي ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سان تباهي، 46 ماڻهو فوت، 200 گم

ڪشتواڙ:(خميس 14 آگسٽ 2025ع)والاريل ڪشمير جي ڪشتواڙ ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڪڪر ڦاٽڻ کان پوءِ آيل ٻوڏ ۾ 46 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق، فوت ٿيلن ۾ 30 کان وڌيڪ هندو زائرين شامل آهن. متاثر علائقي ۾ مندرن جي زيارت لاءِ وڏي تعداد ۾ هندو زائرين موجود هئا. اختيارين هندستاني ميڊيا کي ٻڌايو ته ان وقت جتي ڪڪر ڦاٽو هو، اتي لڳ ڀڳ 1,000 کان 1,200 ماڻهو موجود هئا. مقامي اختيارين موجب، ڪڪر ڦاٽڻ کان پوءِ برسات ۽ ٻوڏ سبب 200 ماڻهو گم آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 100 زخمي ٿيا آهن، جن مان 30 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 40 لاشن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے