welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دهشتگردي، غربت ۽ جهالت جو خاتمو آڻي هر شهري لاءِ برابري جا موقعا فراهم ڪبا: مراد شاهه

ڪراچي:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته دهشتگردي، غربت ۽ جهالت جو خاتمو آڻي هر شهريءَ لاءِ برابري جا موقعا فراهم ڪبا، ڪالهه مزار قائد تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 14 آگسٽ ملڪي ترقي ۽ اتحاد جي عزم جي تجديد جو ڏھاڙو آهي. قائداعظم محمد علي جناح جو درس روشنيءَ جيان آھي، اسان قائداعظم جي ‘ڪم، ڪم ۽ رڳو ڪم’ واري اصول تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته سنڌ هميشه قومي اتحاد، رواداري ۽ هم آهنگي جي علمبردار رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن مسلسل ڀائيچاري، رواداري، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جي قدرن کي قبول ڪيو آهي. هن شهيدن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندن قربانيون پوري قوم لاءِ فخر ۽ روشني جو مينار آهن. وڏي وزير شهرين تي زور ڏنو ته اهي دهشتگردي، غربت ۽ جهالت خلاف مضبوط موقف اختيار ڪن، هن چيو ته ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ سالميت لاءِ اتحاد ضروري آهي. هن پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو ته تعليم، صحت، روزگار ۽ زراعت تي خاص ڌيان ڏيندي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت پاڪستان کي هڪ جديد، پرامن ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ محنت ڪري رهي آهي. هن دعاگهري ته رب پاڪ سنڌ ۽ پاڪستان کي حفاظت ۾ رکي، ترقي ۽ ڪاميابيون عطا فرمائي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته پاڪ فوج ڀارتي سرڪار جي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، سنڌ جو عوام پنهنجي فوج سان گڏ آهي، انهي کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر ٽسوري سان گڏجي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو. بعد ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي، هن مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثرات درج ڪيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے