welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اشتهار ۾ قائد اعظم جي تصوير غائب، سول ايوارڊ حڪومتي ميمبرز کي ڏيڻ تي اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)سينيٽ ۾ سول ايوارڊ حڪومتي ميمبرز کي ڏيڻ ۽ اشتهار ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي تصوير نه لڳائڻ تي اپوزيشن ميمبرز سخت احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ سينيٽرز احتجاج ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي بنياد تي ايوارڊ ڏنا ويا ؟ فلڪ ناز چيو ته عطاءَ تارڙ ڪهڙي جنگ وڙهي هئي؟ همايون مهمند طنز ڪندي چيو ته جنگ ڊزائن ڪندڙ نواز شريف کي ايوارڊ نه ڏنو ويو؟ سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اوهان ايوارڊ جي حيثيت ئي ختم ڪري ڇڏي آهي، عمران خان جيل مان چيو ته قوم متحد ٿئي، عمران جي ٽائيگرز معرڪه حق دوران رات جاڳي ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي وائکو ڪيو، انهن سوشل ميڊيا ٽائيگرز کي ايوارڊ نه ڏنو ويو، انهن کي به ايوارڊ ڏنو وڃي، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته ڀارت خلاف جنگ وڙهڻ تي ايوارڊ ڏنا ويا، سينيٽرز کي 23 مارچ 2025ع تي ايوارڊز ڏنا ويندا، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اشتهار مان قائد اعظم محمد علي جناح جي تصوير ڪڍي وئي آهي، وضاحت ڪئي وڃي ته ڇو پاڪستان جي باني جي تصوير نه لڳائي وئي ؟ قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته قائد اعظم جي تصوير اشتهار ۾ نه لڳائڻ واري معاملي جي انڪوائري ڪرائي ويندي. جڏهن ته سينيٽ ۾ ورچوئل ايسٽس آرڊيننس 2025ع پيش ڪيو ويو، جيڪو لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو. مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر افنان الله حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هي بل منهنجو آهي، هاڻي حڪومت ڪاپي ڪري آندو آهي، همايون مهمند چيو ته هن چوري تي حڪومت کي گولڊ ميڊل ملڻ گهرجي. سينيٽ ۾ پيٽروليم ترميمي بل 2025ع به پيش ڪيو ويو، جيڪو پڻ اسٽيڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو. سينيٽ اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال ڌيان طلب نوٽيس تي جواب ڏيندي چيو آهي ته معيشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ايڪو سسٽم ٺاهڻو پوندو. ايندڙ پنجن سالن جي پاليسي تيار ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته آمريڪا سان ڪا اهڙي ڪميٽمينٽ ناهي ٿي جو اسان کي آمريڪا ۾ واپس سيڙپڪاري ڪرڻي آهي. جيڪا ٽيريف پاليسي آندي آهي، ان ۾ 900 شين کي هٿ ناهي لڳايو ويو ۽ 300 شيون تي ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سينيٽ ۾ ميمبرز جي عدم دلچسپي عروج تي پهچي وئي. سوالن واري وقفي ۾ ٽوٽل 13 سوالن مان 12 سوال پڇڻ وارا ميمبر غير حاضر رهيا، سوالن واري وقفي ۾ اسلم ابڙو، مسرور احسن، زرقا سهروردي، همايون مهمند ۽ رانا محمود الحسن جا سوال شامل هئا، پر اهي غير حاضر رهيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے