welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

روسي صدر ولاديميئر پيوٽن جو صدر آصف علي زرداري ڏانهن خط، سيلاب ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)روس جي صدر ولاديميئر پيوٽن پاڪستان ۾ برساتن ۽ سيلاب سبب جاني نقصان تي صدر مملکت آصف علي زرداري ڏانهن خط ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. روسي صدر پنهنجي خط ۾ پاڪستان ۾ سيلاب جي تباهين تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو، ۽ متاثر خاندانن سان همدردي پڻ ڪئي. ولاديميئر پيوٽن خيبرپختونخوا ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت ڪئي، خط ۾ روسي صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تمنائون پڻ پيش ڪيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے