welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڀرسان تربيتي جهاز ڪري پيو، ٻئي پائلٽ محفوظ

اسلام آباد:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)نئون اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڀرسان هڪ تربيتي جهاز ڪري پيو، جهاز ۾ سوار ٻنهي پائلٽن کي بچائي ورتو. ذريعن موجب جهاز ۾ پائلٽ نوروز ۽ ٽريني پائلٽ عائشہ سوار هئا، جيڪي حادثي دوران ٻنهي پائلٽن کي بچائي بچايو ويو. حادثي ۾ ڪريل جهاز خانگي ايئر ڪلب جي ملڪيت ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪو راما ڳوٺ ۾ فصلن وارن ۾ ايئرپورٽ جي ٽاور نمبر 39 جي ويجهو ڪري پيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ امدادي ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون، ۽ ٻنهي پائلٽن کي طبي معائني لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. علائقو سيل ڪري جهاز ڪِرڻ جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے