
رتوديرو:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)رتيديري شهر جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مين مان پوليس ٽن شاگردن نائين ڪلاس جي نور نبي جکراڻي، سندس ڀاءُ علي ۽ سئوٽ مزمل کي رسيس وقت مبينا طور گرفتار ڪري کڻي وئي، ان حوالي سان اسڪول جي هيڊ ماستر سيف الله رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رتوديرو پوليس غير قانوني عمل ڪندي مون کي اطلاع ڏيڻ بغير ڪارروائي ڪري اسڪول جي ٽن شاگردن کي گرفتار ڪري وئي آهي، نور نبي اسڪول جو شاگرد آهي، جڏهن ته هن جو ڀاءُ ۽ سئوٽ هن اسڪول مان ڏهون ڪلاس پاس ڪري ويا آهن، جيڪي پنهنجا سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ اسڪول آيل هئا، جن ٽنهي کي موٽرسائيڪل سوار پوليس اهلڪار کڻي ويا، پوليس کي اسڪول جي استاد زبير احمد نوناري منع به ڪئي، پر ان باوجود به پوليس شاگردن کي کڻي وئي، مان واقعي بابت مسلسل پوليس سان رابطي ۾ آهيان، پر پوليس ڪابه ڳالهه واضح ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، شاگردن کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي. ٻي طرفرتوديرو پوليس موجب ته شاگردن جو پاڻ ۾ پنهنجي مائٽن سان جهيڙو ٿيو، ان جي اين سي داخل هئي، شاگردن کي گرفتار ڪيو، اسڪول جي هيڊ ماستر سان رابطو ڪيو جنهن بعد شاگردن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
اسڪول ۾ پوليس جي ڪارروائي جي مذمت ڪريون ٿا: جي يو آءِ اڳواڻ
رتوديرو: جمعيت علماءِ اسلام اڳواڻ طارق حسين سومرو چيو ته اسڪول مان شاگردن کي گرفتار ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آھي ايف آءِ آر ۾ گهربل ماڻھو به گهريا ويندا آھن هي ته شاگردن جو پاڻ ۾ مسئلو هيو اين سي ۾ ايئن شاگردن کي گرفتار ڪرڻ نه گهرجي ها، اسڪول جي هيڊ سان ملي پوءِ ان جي اجازت سان ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها.
درسگاهه مان شاگردن جي گرفتاري قانون جي لتاڙ آهي: سماجي اڳواڻ
رتوديرو: سياسي سماجي اڳواڻ حببب بليدي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هاءِ اسڪول اندر پوليس جي شاگردن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪارروائي اداري جي سالميت تي حملو آهي، هيڊ ماستر جي مئجسٽريٽي اختيارن کي لتاڙڻ نه رڳو مذمت جوڳو پر تعليم دشمني به آهي، ملوث اهلڪارن ۽ سندن پٺڀرائي ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language