welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

هراسمينٽ ڪيس: جج جي موڪل ٻڌڻي ملتوي، پروين رند انصاف لاءِ پيرين اگهاڙي پهتي

دولت پوي صفن:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)پيپلز ميڊيڪل نوابشاهه يونيورسٽي جي شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند جي هراسمينٽ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر پروين رند پنهنجي چاچي علي نواز رند سان گڏ پيرين اگھاڙي دولتپورصفن جي عدالت ۾ پهتي، جڏهن ته هراسمينٽ جي ڪيس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر غلام مصطفيٰ راجپوت، ڊاڪٽر عتيقه ڌامراھه، ڊاڪٽر فرحين ڏاھري، پروفيسر ڊاڪٽر فريده وڳڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته عدالت سڳوري ۾ جج موڪل تي هئڻ ڪري ٻڌڻي 06 سيپٽمبر تي رکي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر پروين رند ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٽن سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، پر هن مهل تائين مون سان انصاف نه ٿيو آهي، هن چيو ته عورتن جي حق جي ڳالھه ڪندڙ ادارا به خاموش آھن، هن وڌيڪ چيو ته جوابدار مسلسل طور ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري اسان خوفزده آهيون، اسان کي جان جو خطرو آهي، دادو ضلعي جي پوليس هائي ڪورٽ جي حڪمن کي نٿي مڃي، اسان کي ايس ايس پي دادو پوليس سيڪيورٽي فراهم نه ٿو ڪري، ڄاڻي واڻي پوليس انتظاميا اسان کي قتل ڪرائڻ چاهي ٿي، هن چيو ته هڪ نياڻي سان انصاف نه ٿو ٿئي، ڪيتريون سنڌ جون نياڻيون وحشي درندن هٿان قتل ٿي ويون، پر انهن جي خون سان انصاف نه ٿيو، ڊاڪٽر پروين رند اعليٰ عدالتن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، جيڪڏهن اسان کي ڪوبه نقصان پهتو ته انهي جو ذميوار آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو هوندا، پروين رند انصاف جي گهر ڪئي آهي، ھوڏانھن دولتپورصفن جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ جج موڪل هئڻ ڪري ٻڌڻي 06 سيپٽمبر تي رکي وئي ‎آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے