
گڊو:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)گڊو بئراج جا در جي تبديلي لاءِ وري نئين تاريخ اچي وئي. گڊو بئراج جي 64 در ۽ ان ماننڪرندڙ 28 ڪئنالن جي تبديلي وارو ڪم مقرر مدي کان پنج سال وڌيڪ گذرڻ باوجود پورو ناهي ٿي سگهيو. دروازن جي تبديلي لاءِ رکيل رقم مان 9 ارب 58 ڪروڙ 51 لک 61480 رپيا خرچ ٿيڻا هئا. انهن پيسن مان ته 50 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ گهٽ رقم ادا ڪئي وئي، پر ويريئشن جي نالي تي 3 ارب رپيا ٺيڪيدار ڪمپني کي ڏنا ويا آهن. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب در مٽائڻ واري رٿا 2020ع ۾ مڪمل ٿيئڻي هئي پر پنج سال گذرڻ باوجود به رٿا مڪمل ناهي ٿي. ادائگي 13 ارب ٿي چڪي آهي، سنڌ بيريج امپروومنٽ پراجيڪٽ جي رڪارڊ توڙي ورلڊ بينڪ جي ويب سائيٽ موجب گڊو بيراج جي سمورن ڪمن لاءِ 171 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان رٿا ۾ در پهريان 2022ع ۾ مڪمل ٿيڻا هئا، پر نه ٿيا، جنهن بعد 2024ع تائين مدو وڌايو ويو پوءِ به ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو ۽ هاڻي وري مارچ 2027ع جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ٺيڪيدار ڪمپني پاران ترڪي مان جيڪي 13، 15، 17، 19، 21، 39، 46، 48 ۽ 51 در ٺهرايا ويا ذريعن موجب اهي پوري طرح مٿي نه پيا ٿين، جنهن جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته گڊو بئراج جي آر ايل تحت در 267 فوٽ هڻڻا آهن، پر نون لڳايل ٽيهارو درن مان ڏهه در ٻه فوٽ گهٽ 265 فوٽ لڳايا ويا آهن، بيراج جي مجموعي پانڊ ليول 267 آر ايل تي رکي ويندي آهي. ذريعن موجب ان جي ڪري ريگيوليشن ۾ مسئلا اچي رهيا آهن. ان حوالي سان گڊو بئراج جي چيف انجنيئر منصور ميمڻ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون جيئن چارج ورتي ته بئراج ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلا هئا، پر هاڻي ڪو به ٽيڪنيڪل مسئلو ناهي. ٻن فوٽن جي گهٽ ماپ وارن درن سان ڪو به فرق نه ٿو پئي ڇو ته جتي اهي در آهن، ان پاسي روڊ يا بئراج وارو حصو 265 آر ايل تي آهي. هن چيو ته بئراج ريگيوليشن ۾ ڪو مسئلو ناهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language