welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي بار پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪئنالن خلاف ريلي، مطالبن تائين هفتو مهلت

ڪراچي:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)آل سنڌ لائرز فورم پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ريلي ڪڍي سي ايم هائوس تائين احتجاج ڪيو ويو، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، رحمان ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، وڏي وزير جي نمائندي ڪراچي جي ميئر مرتضي’ وهاب احتجاج ڪندڙ اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، احتجاج ڪندڙ وڪيلن مرتضي’ وهاب کي 8 مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو، مرتضي’ وهاب وڪيل اڳواڻن کي ايندڙ ڇنڇر تائين مطالبا پورا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد وڪيل اڳواڻن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڪيلن پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، 26هين آئيني ترميم، پيڪا ايڪٽ، سنڌو ڌرياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف مطالبا پيش ڪندي مورو واقعي جي جوڊيشل انڪوائري، وڪيلن کي هٿيارن جا لائسنس ڏيڻ، ججن جي ميرٽ تي مقرري سميت 8 مطالبا پيش ڪيا ۽ اهڙو چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويو، وڪيل اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ڇنڇر تائين مطالبا نه پورا ڪيا ويا ته اڳتي جو لاءِ عمل جوڙيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے