welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۾ ڪاري قانون تحت جمھوريت ھلي پئي، ڪوڙا ڪيس مڙهيا پيا وڃن: مرتضيٰ جتوئي

نواب شاھ:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مختلف ڪيسن مورو اليڪشن ۾ جھيڙن دوران مارجي ويل بلاول زرداريءَ جو ڪيس، اميناڻي ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس، مورو واقعي جا پنج ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنھن ڪيسن ۾ غلام مرتضيٰ خان جتوئي ۽ مسرور خان جتوئي پيش ٿيا. جڏھن ته دھشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج موڪل تي ھجڻ ڪري ايندڙ وڪيلن جا بيان ٻڌا ويا، جنھن تي ايندڙ تاريخ ويجھي رکڻ تي جتوئي ڀائرن جي وڪيل طرفان تاريخ وڌائڻ جي اپيل ڪئي، جنھن تي فريادي ڌر جي وڪيلن پاران تاريخ ويجھي رکڻ تي زور ڀريو جنھن تي سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي انچارج ايڊيشنل سيشن جج نوشهروفيروز وٽ ٿي، جنھن سمورن ڪيسن جي ايندڙ ٻڌڻي 28 آگسٽ مقرر ڪئي. ان موقعي تي غلام مرتضيٰ خان جتوئي چيو ته سيد زين شاھ شروع کان ئي متحرڪ رھيو آھي، ھر معاملي ۾ سيد زين شاھه صحيح چئي رھيو آھي، سئو فيصد اسان مٿان ڪوڙا ڪيس آھن، جيڪو به پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ٿو ڪري ورڪر کان ليڊر شپ تائين اھو حال آھي. پوري سنڌ ۾ ڪاري قانون تحت جمھوريت ھلي پئي، سموري سنڌ ۾ پوليس جي تسلسل مسلط ٿي چڪا آهن سيد زين شاھ بلڪل صحيح آهي. غلام مرتضيٰ خان جتوئي چيو ته جيڪڏهن ھي پنھنجي حرڪتن مان باز نه آيا ته وڏي پئماني تي ھڪڙي وڏي تحريڪ ھلائڻ جو سوچيو ويندو، پوءِ اسان مجبور ٿي روڊن تي نڪري اينداسين، جڏھن ته مسرور احمد خان جتوئي چيو ته جج صاحب موڪل تي آھن، اسان کي ايندڙ تاريخ 26 ڏني پئي وئي، جنھن تي اسان چيو ته 25 تاريخ ڪيس آھن ۽ مرتضيٰ خان جتوئي ٻين ڪيسن ۾ مصروف آھن، تنھن ڪري تاريخ وڌائي ڏني وڃي، سياسي انتقامي ڪارروائيون ھلن پيون، پيشي دوران عدالت ٻاھران وڏي تعداد ۾ پوليس، پوليس موبائلون ۽ بڪتربند گاڏي پڻ موجود رھي، ڪيسن جي پيروي سينئر وڪيل عبدالله خان ڪورائي ۽ وڪيل گلزار عالماڻي ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے