
ملير:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)سنڌو درياهه جو پاڻي ڪنهن کي به کڻڻ نه ڏينداسين. جن ماڻهن سنڌو درياهه ڏٺو ئي ناهي سنڌو جي مٽي ۾ پير ناهي پاتو انهن کي ڪهڙي خبر ته سنڌو درياهه ڇا آهي. سنڌو درياهه ۾ اسانجو ساھه آهي. اهڙن خيالن جو اظھار جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو گلشن حديد ۾ سياسي سماجي اڳواڻ سليم جوکيو پاران ڏنل دعوت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته گلشن حديد جي نوجوانن جو پيار ۽ محبت ڏسي دل خوش ٿي وئي آهي. آءٌ نئين پارٽي ٺاهي رهيو آهيان جنهن ۾ هارين مزدورن شاگردن ۽ نوجوانن سان گڏجي عوام جي خدمت ڪنداسين. منهنجي خواهش آهي ته هن ملڪ جو وزيراعظم هڪ هاري ٿئي. اسانجي پارٽي جو مقصد عوامي سياست آهي. اسان ڪرسي واري موروثي سياست جو خاتمو چاهيون ٿا. عوامي سياست تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي روزگار ۽ ملڪ جي ترقي لاء اسٽيل مل ٺاهي هئي جنهن کي ڪرپشن ذريعي تباھ ڪيو ويو، پورهيت هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن. هن چيو ته موجوده پ پ پ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي منشور اٽي، لَٽي ۽ اجهي واري نعري تان ڦري وئي آهي. غريبن کان هڪ ويلي جي ماني به ڦري ورتي آهي. ان موقعي تي گلشن حديد جي نوجوانن پاران زين چانڊيو جي اڳواڻي ۾ جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي ساٿ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language