دبئي:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)فلسطين جي پهرين مس يونيورس، نادين ايوب، مس يونيورس مقابلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ميدان ۾ لهي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب نادين ايوب فلسطيني نسل جي آهي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ رهي ٿي. مقابلي ۾ شرڪت جو اعلان ڪندي، هن چيو ته هوءَ پنهنجي وطن، خاص طور تي غزه ۾ جاري بحران لاءِ آواز بڻجڻ چاهي ٿي، جتي ماڻهو صدمي ۽ اسرائيلي جارحيت کي منهن ڏئي رهيا آهن.نادين چيو ته هن پليٽ فارم ذريعي، هوءَ هر فلسطيني عورت ۽ ٻار جي نمائندگي ڪندي جنهن جي همت ۽ عزم کي دنيا جي سامهون آڻڻ گهرجي.ياد رهي ته مس يونيورس مقابلو هن سال نومبر ۾ ٿائيلينڊ ۾ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جون خوبصورت عورتون حصو وٺنديون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language