ڪراچي:(سومر 18 آگسٽ 2025ع)اڄ کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ مون سون جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات جو بوندا باندی ٿي، جڏهن ته ڊي آءِ خان ۾ تيز برساتن سبب هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي ڀرجي ويو.
موسميات کاتي موجب، اڄ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته اڄ کان مون سون جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي.
اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي، ۽ راولپنڊي، مري، گليات، جهلم، چکوال ۽ اٽڪ ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جا خدشا آهن.
ٻئي طرف، 22 آگسٽ تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.
ان دوران، سنڌو درياءَ ۾ تربيلا، ڪالا باغ، چشمه ۽ تونسه بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته گڊ ۽ بئراج تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.
فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب، ستلج درياءَ ۾ هيڊ سليمانڪي ۽ گنڊا سنگهه والا تي به گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language