welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي فوج جي سربراهه غزه شهر تي قبضي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

تل ابيب:(سومر 18 آگسٽ 2025ع)اسرائيلي فوج جي سربراهه غزه شهر تي قبضي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ايال ضمير غزه شهر تي قبضي جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ اسرائيلي دفاع وارو وزير ايندڙ هفتي منصوبي جي منظوري ڏيندو. رپورٽ موجب، غزه شهر تي قبضي جي هن اسرائيلي منصوبي ۾ 2 هفتن جي عرصي دوران فلسطينين جو وڏي پيماني تي جبري انخلا شامل آهي، جيڪو فوجي آپريشن سان شروع ٿيندو، پوءِ بتدريج شهر ۾ داخل ٿيندو ۽ ان تي قبضو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي اهلڪار آمريڪي اختيارين کي انهن جي درخواست تي غزه شهر تي قبضي جو منصوبو پيش ڪندا. ٻئي طرف، غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن ۽ ڪالهه اسرائيلي حملي ۾ درجنين وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے