welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چوهڙجمالي: پوليس پاران منشيات وڪرو ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار، ڀتو وصول ڪندڙ 2 جعلي پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل

چوھڙجمالي:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)پوليس جي نالي شهر مان ڀتو وصول ڪندڙ 2 جعلي پوليس اهلڪار گرفتار. چوهڙجمالي ٿاڻي تي ٻن نقلي پوليس اهلڪارن سليم سمون ۽ بخش علي پتافي خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي ويئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي نقلي پوليس اهلڪار شهر ۾ ڪيتري وقت کان پوليس جي نالي تي ڀتو وصول ڪندا آهن. چوهڙجمالي پوليس پاران منشيات ۾ ٻن ڄڻن سومار خاصخيلي ۽ شبير سسيو کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڪيل ٻنهي ڄڻن پاران انڪشاف ڪيو ويو ته شهر ۾ ٻن جعلي پوليس اهلڪارن جي اجازت سان منشيات وڪرو ڪن ٿا کين جعلي پوليس اهلڪار ڀتو وٺن ٿا. چوهڙجمالي پوليس ٻن نقلي پوليس اهلڪارن خلاف پڻ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے