
ڪراچي:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)نارٿ ڪراچي محمد شاهه قبرستان ۾ ڊرم مان هڪ شخص جي بستر ۾ ويڙيل ۽ هٿ پير ٻڌل لاش آيو آهي، جنهن کي قتل ڪرڻ کان اڳ سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ۽ پوءِ ڪنپٽي تي گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي سينٽرل موجب مقتول جي سڃاڻپ 45 ورهين علي اصغر ولد عبدالمجيد طور ٿي آهي، جيڪو اورنگي ٽائون سيڪٽر 14- بي جو رهواسي ۽ 7 ٻارن (5 ڌيئرون ۽ 2 پٽ) جو پيءُ هو، مقتول سڪينڊ هينڊ گاڏين جي خريد و فروخت جو ڪاروبار ڪندو هو.
پوليس موجب علي اصغر کي اڻڄاتل ماڻهن گهران کڻي ويا، بعد ۾ کيس هٿ پير ٻڌي وحشيانه تشدد کانپوءِ گولي هڻي قتل ڪيو ويو، ۽ لاش کي بستر ۾ ويڙهي پلاسٽڪ جي ڊرم ۾ وجهي قبرستان ڀرسان ڦٽو ڪري ڇڏيو.
واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو واقعي واري هنڌ پهتا، جتان لاش کڻي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، چهيپا جي ترجمان چوهدري شاهد موجب لاش جي سڃاڻپ مقتول جي ڀاءُ ۽ مٽن مائٽن ڪئي.
مقتول جي گهر وارن ٻڌايو ته جمعي جي رات علي اصغر گهران نڪري چيو ته ٿوري دير ۾ واپس ايندس، پر دير رات تائين واپس نه آيو، سندس زال رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر موبائيل فون بند هو، صبح جو ساڍا ڏهه وڳي پوليس اطلاع ڏنو ته اسپتال ۾ لاش موجود آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته قتل رقم جي ڏيتي ليتي جي سبب ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ کان پوءِ حقيقت سامهون ايندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language