بٽ خيلا:(ڇنڇر 16 آگسٽ 2025ع)خيبرپختونخواهه جي ضلعي مالاڪنڊ جي تعلقي بٽ خيله ۾ پٽ جي فائرنگ سبب جمعيت علماءِ اسلام(ف) جو سينئر اڳواڻ مولانا ڪفايت الله ۽ ان جي گهر واري سخت زخمي ٿي پيا.
رپورٽ موجب ليويز اختيارين چيو آهي ته فائرنگ جو واقعو مالاڪنڊ جي تعلقي بٽه خيله ۾ مفتي ڪفايت الله جي گهر ۾ پيش آيو.
ليويز ذريعن ٻڌايو ته فائرنگ سبب مفتي ڪفايت الله جو پٽ عصمت الله ۽ ڌيءَ مارجي ويا جڏهن ته مفتي ڪفايت الله ۽ ان جي گهر واري کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ليويز ذريعن موجب انهي جو هڪ پٽ ۽ ڌيءَ به سخت زخمي آهن.
رپورٽ موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اختيارين لاشن ۽ زخمين کي طبي امداد ڏيڻ جي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته فائرنگ مفتي ڪفايت الله جي ٻئي پٽ اعتصام ڪئي، فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار نشي جو عادي آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language