welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاڙڪاڻو : زخمي صحافي نادر ابڙو جي طبعيت بگڙجي وئي: ڪراچي منتقل

لاِڪاڻو:(آچر 29 جون 2025ع)لاڙڪاڻو جي رپورٽر سينيئر صحافي ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جي ميمبر نادر ابڙو کي شگر ۽ بلڊپريشر ۽ معدي جي تڪليف سبب شهر جي ليڊيز جيل روڊ تي قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرايو ويو، اهڙي سڌ پوڻ تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، نائب صدر غلام مرتضيٰ ڪلهوڙو ، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر جاگيراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري سلامت ابڙو، خزانچي منصور عباس ابڙو،ڊاڪٽر بدر شيخ ،عاشق پٺاڻ سميت صحافي، فوٽوگرافر ۽ ڪيمرامين وڏي تعداد ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽر پهتا جتي هنن نادر ابڙو جي عيادت ڪري ڊاڪٽرن کان سندس صحت بابت معلومات پڻ ورتي. ٻئي پاسي سينيئر صحافي نادر ابڙو جي طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ تي کيس ماهر ڊاڪٽرن جي مشوري بعد ايمبولينس جي ذريعي لياقت نيشنل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۽ لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس طرفان سنڌ جي صحافين کي سينيئر صحافي نادر ابڙو جي جلد صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل پڻ ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے