welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عامر نواز وڙائچ پاران 27هين آئيني ترميم اچڻ جو امڪان ظاهر

ڪراچي:(آچر 29 جون 2025ع)ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ 27هين آئيني ترميم اچڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته مون ٻڌو آهي ته 26هين کان پوءِ هاڻي 27 وين ترميم اچي رهي آهي. ڪراچي ۾ ريحام خان سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر نواز وڙائچ چيو ته پاڪستان جي هر علائقي جا وڪيل ڪراچي بار ۾ آهن، ڪراچيءَ بار ۾ سموري پاڪستان جا وڪيل آهن، هتي اهو فرق نٿو پوي ته توهان ڪهڙي ملڪ مان آهيا آهيو، فرق هي آهي ته توهان کي اسان پسند آهيون يا نه، اسان جا ٻه بار رومز آهن، پنهنجين وڪيل ڀينرن کي تحفظ ڏنو آهي، ڪنهن کي جرت ناهي ته هو وڪيل ڀينرن کي ميري اک سان ڏسن، موجوده وقت ۾ ڪافي شيون تبديل ٿيون آهن، ڪراچي بار هميشه حق جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان بغير ڪنهن پارٽيءَ جي ڪم ڪندا آهيون، هن چيو ته هميشه هڪ ئي موقف رکيو آهي، اسان 26 آئيني ترميم، پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم، سنڌو درياءِ تان ڪينالز ڪڍڻ واري معامري تي به آواز اٿاريو، اڪثر وڪيل هڪ ڪليئر موقف رکندا آهن، ان مان اهيو ظاهر ٿيندو آهي ته وڪيل ڇا ٿا چاهن ۽ ڇا نٿا چاهن، سينيارٽي پاليسي خلاف آواز اٿاريو ته حڪومت کي لڳي ٿو ته اسان پي ٽي آءِ مان آهيون، بار هميشه رول آف لا تي ڳالهه ڪئي آهي، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته 27 وين ترميم اچي رهي آهي، جيڪڏهن ملڪ هلائڻو آهي ته ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڪو نه ڪو ڪرائيٽريا ٺاهڻو پوندو، منهنجو اهو نظريو آهي ته قانون ڪڏهن غريب لاءِ ٺهيو ئي ناهي، قانون تڏهن ٺهندو آهي جڏهن ڪنهن امير کي تڪليف ايندي آهي، نارڪوٽڪس جي ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ جو حق هاڻي هاء ڪورٽ کي ڏنو ويو آهي، قانون تڏهن پاس ڪيو وڃي جڏهن غريب به ڪنهن تڪليف ۾ هجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے