
ڪشمور:(آچر 29 جون 2025ع)ڪشمور جي ڳوٺ دين محمد نائچ مان ٻه مھينا اڳ اغوا ٿي ويل نينگر صحبت نائچ کي ڪشمور پوليس گيھلپور ڪچي واري علائقي مان انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، شهر جي ذوالفقار شاهه پاڙي مان اغوا ٿيل معذور نينگر احد ڇڄڻ اڃان تائين ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهي، ايس ايس پي زبير نظير شيخ اي ايس پي محمد عاشر ايس ايچ او ڪشمور نينگر صحبت نائچ کي پاڻ سان گڏ کڻي وارثن وٽ پھچي نينگر کي وارثن حوالي حوالي ڪيو، صحبت نائچ گھر پھچڻ تي وارثن پاران خوشي جو اظهار ڪيو، ياد رهي ته ٻه مھينا اڳ نينگر صحبت نائچ کي ڳوٺ دين محمد نائچ مان ڏھ کان وڌيڪ ھٿياربندن مارڪيٽ مٿان قائم اوطاق تي چڙهائي ڪري نينگر صحبت نائچ جي والد قادر بخش نائچ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي نينگر صحبت کي اغوا ڪري ڪچي فرار ٿي ويا، نينگر جي تشدد واري ويڊيو وائرل ڪندي وارثن کان 3 ڪروڙ رپيا ڀنگ جي رقم طلب ڪئي وئي هئي، وارثن پاران ڪچي ۾ پاڪ ڪتاب گھمايو لڳاتار احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندي ڳوٺ اڳيان انڊس هاءِ وي روڊ تي احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي هئي، ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول ھلي رھيا آھن ته نينگر جي بازيابي لاءِ وارثن کان لکين رپيا ڀنگ جي رقم ورتي وئي ۽ چڱن مڙسن ڊيل جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن بعد مغوي نينگر جي بازيابي عمل ۾ آئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language