welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مرتضيٰ ۽ مسرور جتوئي جو هٿياربندن پاران پيڇو، وڊيو وائرل، قتل جي سازش ٿي رهي آهي: نوين

مورو:(آچر 29 جون 2025ع)جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جو ھٿياربندن پاران پيڇو، مرتضيٰ جتوئي جي گھر واري پيڇو ڪندڙ ھٿياربندن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، وڊيو ۾ ھٿياربندن کي موٽر سائيڪل تي گاڏي جو پيڇو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، مرتضيٰ جتوئي عدالت پيشي دوران اھڙي خدشي کان ميڊيا کي آگاھي ڏني ھئي، مرتضيٰ جتوئي جي گھر واري نوين جتوئي جو چوڻ آھي ته منھنجي مڙس مرتضيٰ جتوئي ۽ ڏير مسرور جتوئي کي قتل ڪرڻ جي سازش رٿي پئي وڃي، ھن کي سياسي مخالفت نه پر ھڪ وڏي پلاننگ سمجھو ٿا، ان طريقي سان نيشنل پيلز پارٽي کي ختم نٿو ڪري سگھجي، هن چيو ته جتوئي ڀائرن سميت خاندان يا پارٽي جي ورڪرن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار آصف علي زرداري، گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ سنڌ پوليس ھوندي، مان پنهنجي ماڻهن ۽ عوام کي آگاهي ڏيڻ ٿي چاهيان ته هٿياربندن کي موڪليو ويو آهي ته جيئن مرتضيٰ ۽ مسرور جتوئي ۽ اسان جي سيڪيورٽي گارڊز ۽ وفادار ڪارڪنن کي قتل ڪيو وڃي. ھن چيو آھي ته الله سڀني کان وڏو آهي، اهو ئي محافظ آهي، سڄي قوم ۽ دنيا هن ظلم کي ڏسي رهي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے