welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حڪومت جو بجلي جي بلن ۾ شفافيت جي لاءِ وڏو قدم: پنهنجو ميٽر، پنهنجي ريڊنگ اسمارٽ ايپ متعارف

اسلام آباد:(آچر 29 جون 2025ع)پاور ڊويزن واري وزارت بجلي جي صارفين کي سنڌو سنئون نظام جو حصو بنائڻ ۽ بلنگ جي عمل ۾ شفافت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي پنهنجو ميٽر، پنهنجي ريڊنگ جي تحت پاور اسمارٽ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب عوام دوست اسمارٽ ايپ جو باقاعده افتتاح اڄ وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف ڪيو. اها اسمارٽ ايپ بجلي صارفين کي مقرر تاريخ تي پنهنجي ميٽر جي تصوير کڻي ايپ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي جنهن جي بنياد تي انهي جو ماهوار بل جاري ڪيو ويندو. انهي نظام جو مقصد اوور بلنگ، ريڊنگ جي غلطين ۽ ريڊنگ ۾ دير جهڙي پراڻي مسئلي جو موثر حل فراهم ڪرڻ آهي. اها صرف هڪ ٽيڪنالاجي فيچر نه پر گورننس ۾ هڪ پڪي اصلاح آهي جيڪا صارفين کي حقيقي معنيٰ ۾ بااختيار بنائي ٿي. اهڙي نظام سان صارفين نه صرف پنهنجي بل تي نظر رکي سگهندا پر هاڻ اهي ريڊنگ جي عمل جا نگهبان به هوندا. جيڪڏهن صارف مقرر ڏينهن ريڊنگ فراهم ڪري ڇڏيندو ته انهي ڏينهن کان پوءِ ورتل ميٽر ريڊر جي ريڊنگ کي اوليت نه ڏني ويندي، صرف صارف جي فراهم ڪيل ريڊنگ ئي فيڊ ڪئي ويندي. اهو نظام خاص طور تي اهڙن صارفين جي لاءِ فائديمند آهي جيڪي حڪومتي سبسڊي جا مستحق آهن. 200 يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جو بل تقريبن 2.330 روپيه ٿئي ٿو پر صرف هڪ يونٽ جي اضافي تي سبسڊي ختم ٿيڻ سبب بل 8.104 روپين تائين پهچي ٿو. انهي ايپ جي ذريعي اهو يقيني بنائي سگهبو ته مستحقين وقت تي ريڊنگ فراهم ڪري پنهنجي سبسڊي مان فائدو حاصل ڪري سگهن. پنهنجو ميٽر، پنهنجي ريڊنگ جهڙِو فيچرز بجلي جي نظام ۾ نه صرف شفافيت پيدا ڪندو پر صارفين کي انهي حد تائين بااختيار بنائيندو جيئن اهي پاڻ پنهنجي بلنگ جي نگراني ڪري سگهندا. انهي سان اوور بلنگ، غير ضروري مداخلت ۽ شڪايت ۾ خاطر خواهه گهٽتائي ايندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے