welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گمبٽ: ڏيپارجا ۾ گهر اندر زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 15 ڀاتي بيهوش، اسپتال منتقل

گمبٽ:(آچر 29 جون 2025ع)گمبٽ ڀرسان ڳوٺ ڏيپارجا ۾ گهر اندر زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 15 ڀاتي بيهوڳش ٿي ويا جن کي بيهوشي واري حالت ۾ گمس اسپتال ۾ داخل ڪري علاج ڪيو پيو وڃي. انهي حوالي سان متاثر خاندان جي گهر ڀاتي الله ڏنو ڏيپر ٻڌايو ته گهر ۾ ماني کاڌي جنهن کان پوءِ هڪ ئي گهر جا 15 ڄڻا محمد ڏنل، نادر علي، رجب علي، محمد عثمان، نائلا خاتون، عظيمه خاتون، محمد ملوڪ ڏيپر، غلام شبير ۽ ٻيا بيهوشي ٿي ويا آهن، بيهوش ٿيلن ۾ عورتون مرد ۽ ٻارڙا شامل آهن بيهوش ٿي ويل گهر ڀاتين جي وارثن موجب اسان ماني کڻي اسپتال پهتا آهيون انهي جي به چڪاس ڪري ظاهر ڪيو وڃي ته ڇا جي ڪري گهر ڀاتي بيهوش ٿيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے