welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حڪمران پنهنجي مفادن کان وڌيڪ عوام جي مفادن جي حفاظت ڪن: خواجه آصف

اسلام آباد:(آچر 29 جون 2025ع)دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته حڪمران پنهنجي مفادن کان وڌيڪ عوام جي مفادن جي حفاظت ڪن. دفاع واري وزير خواجه آصف سوات سانحي جي متاثرين جي گهر تعزيت جي لاءِ پهچي ويو، جتي هن متاثرين جي گهر ڀاتين سان ڏک جو اطهار ڪيو. خواجه آصف چيو ته سوات سانحي تي لفظ نٿا ملن جيڪي بيان ڪري سگهان، حادثا الله طرفان ايندا آهن پر حادثن جي دوران ضروري قدم ناهن کنيا ويندا. ريسڪيو وارا خالي هٿ آيا هئا، اهو ريسڪيو جو وڏو بريڪ ڊائون آهي. هن چيو ته متاثر خاندان تي سانحو وڏي قيادت بڻجي ٽٽو آهي پر سوات سانحي تي خبر ناهي هن صوبائي حڪومت تي ڪا قيامت ٽٽي آهي يا نه، متاثرين جو چوڻ آهي ته اسان ڪنهن جي خلاف ڪارروائي نٿا ڪرڻ چاهيون. خواجه آصف چيو ته مان هن وقت سياسي ڳالهيون نٿو ڪرڻ چاهيان، هاڻ عوام پاڻ فيصلو ڪري، پنهنجن مفادن کان وڌيڪ عوام جي مفادن جي حفاظت ڪئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے