
اسلام آباد:(آچر 29 جون 2025ع)ملڪي سياست ۾ اهم اڳڀرائي جو امڪان سامهون اچي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ناراض ليگي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات جي لاءِ سندس رهائشگاهه پهچي ويو.
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جي ناراض اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات جي لاءِ سندس گهر پهچي ويو ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال ۽ اهم معاملن تي غور ڪيو. انهي کان اڳ ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته وزيراعظم شهباز شريف چوڌري نثار کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪندو.
ياد رهي ته پارٽي کان ناراض چوڌري نثار ڊگهي وقت کان سياست کان پاسيرو آهي. وزيراعظم شهباز شريف گذريل سال سيپٽمبنر ۾ چوڌري نثار علي جي گهر وڃي ساڻس ملاقات ڪئي هئي ۽ ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي هئي. چوڌري نثار علي خان جي رهائشگاهه تي ٿيل ملاقات جي موقعي تي اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ به وزيراعظم سان گڏ موجود هو.
چوڌري نثار علي خان جيڪو ڪجهه وقت اڳ مسلم ليگ(ن) جو مرڪزي اڳواڻ هو، 34 سالن کان وڌيڪ وقت تائين پارٽي سان جڙيل رهڻ کان پوءِ 2018 ۾ پارٽي کان ڌار ٿي ويو هو. انهي وقت چوڌري نثار علي خان چيو هو ته هن اهو فيصلو پنهنجي ضمير موجب ڪيو، مان ڊگهي وقت کان مسلم ليگ(ن) جو حصو آهيان، مان اقتدار جي نه، عزت جي سياست ڪندو آهيان.
چوڌري نثار 2018 جي چونڊن ۾ راولپنڊي جي 4 قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تان آزاد اميدوار جي طور تي حصو ورتو ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته سندس پارٽي وڌيڪ ٽڪيٽون سياسي يتيمن کي ڏنيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language