ڪراچي:(آچر 29 جون 2025ع)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان جو سياسي اختلاف پنهنجي جڳهه تي آهي پر مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف جو حق هو.
جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي عقيدي ۽ نظريئي تي قائم آهي، جماعت اسلامي سياست کي عبادت سمجهي ڪندي آهي، سياست کي عبادت سمجهڻ سنت رسول صه آهي.
هن چيو ته ماڻهن سياست کي سياسي ڪوڙ، ڌوڪو، هارس ٽريڊنگ ۽ فريب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهو سپريم ڪورٽ مان پنهنجي مرضي جا جعلي فيصلا وٺڻ جي سياست کي سمجهن ٿا.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته سپريم ڪورٽ جو افسوسناڪ فيصلو آيو آهي، اسان جو سياسي اختلاف جيڪو به هجي پر مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف جو حق هيون. هن وڌيڪ چيو ته مخصوص سيٽون مختلف پارٽين پنهنجي طور طريقي سان ورهايون جيڪو غلط عمل آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language