welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شهدادپور: شاگرد کان موٽر سائيڪل ڦر، پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شھدادپور:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)شاگرد کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ جڏهن ته ٻه ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڦورو کي ڳوٺاڻن ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙيو آهي، جنهن بعد ڦورو کي پوليس حوالي ڪيو ته پوليس ڦورو کي ٽنگ ۾ گوليون هنيون آهن. شھدادپور ۾ ٻيراني روڊ تي شاگرد کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو، پوليس ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. شھدادپور ۾ ٻيراني روڊ تي ڇٽا موري شاگرد رمضان کان ٽي ھٿياربند کيس روڪي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيڻ دوران پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، جنھن ۾ پوليس ھڪ ڏوھاري کي ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. زخمي جوابدار کي سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو، ڦورو جي سڃاڻپ پوليس ٽريننگ ڪاليج ڀرسان ڳوٺ رسول بخش جتوئي جي رھواسي الطاف جتوئي طور ٿي آھي. ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي ٻڌايو ته ٽن ھٿياربند ڦورن ڇٽا موري کان ايندڙ شاگرد رمضان کان موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ٻيراني روڊ طرف فرار ٿي ويا هئا، جن جو اطلاع تي پوليس پيڇو ڪيو ته پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي بعد ھڪ ڦورو الطاف جتوئي کي ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ پسٽل سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس 2 ساٿي جوابدار فرار ٿي ويا آهن، جنهن جي پويان پوليس پارٽي ويل آهي. ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته ٻيراني روڊ تي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ڦورو ڏوھارين جو ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ھڪ ڏوھاري کي ڊوڙائي ڊوڙائي ڦر ڪيل موٽرسائيڪل سميت سوگھو ڪري ڏاڍي ڦيھ ڪڍي اطلاع تي پھتل پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ھو، جنھن کي پوليس گوڏي ۾ گولي ھڻي گوڏو چٽ ڪري پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے