
سڪرنڊ:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر محمد فاروق حسن متي خلاف اينٽي ڪرپشن کي ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شيرين ناريجو جي جاچ ٽيم پنهنجي تفصيلي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر محمد فاروق حسن متي يونيورسٽي جي ترقياتي ۽ تعليمي فنڊن ۾ اربين رپين جون بي ضابطگيون ۽ غبن ڪيا. هن اقربا پروري جو مظاهرو ڪندي غير قانوني ڀرتيون ڪري ميرٽ کي سخت نقصان پهچايو. متي جي دور ۾ تعليمي معيار خراب ۽ تحقيقي سرگرمين ۾ گهٽتائي آئي، شاگردن جي مستقبل سان کيڏيو ويو. يونيورسٽي جي انفراسٽرڪچر، ليبارٽريز ۽ ريسرچ پراجيڪٽس لاءِ مختص ڪيل فنڊ کي ذاتي مفادن لاءِ خرچ ڪيو ويو،فاروق حسن متي ۽ سندس ويجهن ساٿين يونيورسٽي کي ذاتي ڪاروباري مرڪز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي کي فاروق حسن متي ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته يونيورسٽيز کاتي کي ملوث ماڻهن کي عهدن تان هٽائي سخت ڊپارٽمينٽل ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ گهرجي.جڏهن ته ڪيسن جي شفاف جاچ لاءِ اعليٰ سطحي مانيٽرنگ ڪاميٽي پڻ جوڙي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language