
رحيم يارخان:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)قومي شاهراهه تي ريسڪيو 1122 جي ايمبولينس ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي به ٿي پيا، حادثي کان پوءِ شاهراهه تي ٽريفڪ به معطل ٿي وئي.
اطلاع موجب فوتين ۾ ريسڪيو 1122 جا چار ڄڻا غفار خان، شاهد رزاق، فرحان خان ۽ محمد احمد شامل آهن، جڏهن ته ٻه شهري به حياتي وڃائي ويٺا، حادثي کان پوءِ ريسڪيو ۽ پوليس جون ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٽڪر ايترو زوردار هو، جو ايمبولينس مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، ۽ ان کي ڳري مشينري جي مدد سان هٽايو ويو، حادثي سبب قومي شاهراهه تي ڪيتري ئي دير تائين گاڏين جي ڊگهي قطار لڳي وئي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ايمبولينس تيز رفتاري سان وڄي رهي ھئي ته اوچتو سامهون ايندڙ مسافرڪوچ سان ٽڪرائجي وئي.
پوليس موجب حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمين جي حالت بابت تفصيلي رپورٽ اسپتال کان طلب ڪئي وئي آهي.
مقامي رهواسين ۽ سياسي سماجي تنظيمن حادثي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي، ته قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي بهتر نگراني ۽ حادثن جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language