welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر: آن لائن بليڪ ميل ۽ ڀتو گھرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جنيد جاني کي ٻيهر عدالت ۾ پيش، ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور

سکر:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)آن لائن بليڪ ميلنگ ۽ ڀتو گهرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار نوجوان جنيد جاني کي ٻيهر ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت کيس ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ٽيم حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب جوابدار جنيد جاني کي ڪجھ ڏينهن اڳ سکر مان آن لائن بليڪ ميل ۽ شهرين کان ڀتو گهرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، عدالت پهرين کيس 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سائبر ڪرائم ٽيم حوالي ڪيو هو، جنهن دوران جوابدار کان جاچ ۽ انڪوائري ڪئي وئي. اڄ 5 ڏينهن جو رمانڊ ختم ٿيڻ تي کيس ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ٽيم وڌيڪ 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ وٺڻ جي استدعا ڪئي، پر جوابدار جي وڪيلن عدالت کي موقف اختيار ڪيو، ته جوابدار اڳ ئي 5 ڏينهن تائين تحويل ۾ رهيو آهي، ۽ انڪوائري مڪمل ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري کيس جيل موڪليو وڃي. عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو، ۽ ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌائيندي جوابدار جنيد جاني کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. قانوني ماهرن موجب هي ڪيس سکر ۾ آن لائن بليڪ ميلنگ ۽ ڀتوگيري جي سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جيڪو ٻين اهڙن ڪيسن لاءِ به هڪ مثال بڻجي سگهي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے