جوھي:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو خان مستوئي ۾ لغاري ۽ مستوئي برادري وچ ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ لغاري برادري جا آصف لغاري، علي نواز لغاري ۽ مستوئي برادري جو هڪ ڄڻو ياسين مستوئي شامل آهن، جڏهن ته لغاري برادري جي گهرن کي باهه ڏني وئي آهي، زخمين کي تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو آهي.
جتي کين فرسٽ ايڊ ڏني وئي آهي، ڌُرين وچ ۾ پهرين به ڪيترائي ڀيرا جهيڙا ٿي چڪا آهن.
زخمين مان هڪ ڄڻي علي نواز لغاري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ رفر ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language