ڳڙھي حسن/ شهدادڪوٽ:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)بلوچستان ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، واٽهڙن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اوستا محمد شھر جي گھنٽا گھر چوڪ وٽ دشتي ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ بھڻ جمالي واسي ٻن ڄڻن گل حسن جمالي ولد علي جان جمالي ۽ نواب خان جمالي ولد ارباب خان جمالي کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ سبب 5 واٽھڙو بابل، ڪمال، محمد سليم، نعيم احمد سميجو ۽ طارق مگسي زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب دشتي ۽ جمالي برادري جي ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان دشتي برادري جي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن نواب خان جمالي ۽ گل حسن جمالي کي قتل ڪري 5 واٽھڙن کي زخمي ڪيو آھي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ھوڏانھن دشتي برادري جي نوجوان جواد دشتي جو چوڻ هو ته 8 مھينا اڳ جمالي ڌر منھنجي پيءُ محمد شعبان دشتي کي بيگناھ قتل ڪيو ھو، والد جي پلاند ۾ جمالي برادري جي ٻن ڄڻن نواب خان جمالي ۽ گل حسن جمالي کي قتل ڪيو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language