
اسلام آباد:(آچر 29 جون 2025ع)اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي خلاف بي بنياد پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، پنهنجي ناڪامين جو الزام اليڪشن ڪميشن تي وجهڻ جو رويو غير مناسب آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن تي ٿيل تنقيد ڪوڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، اليڪشن ڪميشن هميشه آئين، قانون موجب فرض انجام ڏنا آهن.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميشن جي موقف جي توثيق ڪئي آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ سيڪريٽ بيلٽ بابت موقف جي عدالت به توثيق ڪئي. ڊسڪه اليڪشن تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ آئيني قدم قرار ڏنو. پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن تي اليڪشن ڪميشن جي تشريح کي به صحيح قرار ڏنو ويو. اي پي ايم ايل جي ڊي لسٽنگ جي فيصلي کي به سپريم ڪورٽ برقرار رکيو.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي تي ٻيون پارٽيون به ڊي لسٽ ڪيون ويون، پنجاب اليڪشن ٽربيونلز تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رد ۽ اليڪشن ڪميشن جو موقف برقرار رکيو ويو، سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ به اليڪشن ڪميشن جو موقف برقرار رکيو ويو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن سياسي دٻاءُ تي عوامي پريشر ۾ اچي فيصلو ناهي ڪندو. اليڪشن ڪميشن صرف آئين، قانون ۽ شاهدين جي بنياد تي فيصلا ڪندو آهي. اليڪشن ڪميشن ڪنهن پارٽي يا مفاداتي گروهه جي هٿڪنڊن سان يرغمال نه ٿيندو، پنهنجي ناڪامين جو الزام اليڪشن ڪميشن تي وجهڻ جو رويو غير مناسب آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language