welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

9 مئي فوج جو نه پر قوم جو ڪيس آهي، آرمي چيف برسلز ۾ معافي جي ڳالهه نه ڪئي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد:(خميس 21 آگسٽ 2025ع)پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آرمي چيف برسلز ۾ معافي جي ڳالهه نه ڪئي، اهو واضح آهي ته 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن کي انجام ڏيندڙن، ان جي سهولتڪارن ۽ منصوبابندي ڪندڙن کي قانون موجب جوابده قرار ڏنو وڃي. وفاقي راڄڌاني ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آرمي چيف برسلز ۾ ڪنهن به سياست بابت ڳالهه نه ڪئي ۽ نه ئي آرمي چيف ڪنهن به معافي جو ذڪر ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته برسلز جي تقريب ۾ سوين ماڻهو موجود هئا، ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ فيلڊ مارشل سان گڏ تصويرون ڪڍيون. هن چيو ته فيلڊ مارشل پي ٽي آءِ بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي، 9 مئي صرف فوج جو نه پر قوم جو معاملو آهي، اهو واضح آهي ته 9 مئي کي انجام ڏيندڙن، ان جي سهولتڪارن ۽ منصوبابندي ڪندڙن جو قانون موجب احتساب ٿيڻ گهرجي. ياد رهي ته اڄ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان کي 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے