اسلام آباد:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته جنرل (ر) باجوه نواز شريف سان ڊيل ڪئي ۽ فيض حميد کي تبديل ڪيو.
عمران خان چيو آهي ته فيض حميد جي گرفتاري سان پي ٽي آءِ جو ڪو به تعلق ناهي، اهو فوج جو اندروني معاملو آهي.
پي ٽي آءِ جي باني موجب جيڪڏهن فيض حميد جو 9 مئي ۾ ڪو ڪردار آهي ته اهو سٺو موقعو آهي ته 9 مئي تي جڊيشل ڪميشن جوڙي ويندي.
اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ پي ٽي آءِ جي باني وڪيل انتظار پنجوٿا چيو ته پي ٽي آءِ باني اڄ رات عوام کي آزادي لاءِ پرامن گهرن مان نڪرڻ جو چيو آهي.
ياد رهي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي فوجي حراست ۾ وٺي سندس فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نجي هائوسنگ سوسائٽي جي معاملي تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي شقن تحت فيض حميد خلاف مناسب انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language